انتظامي لاپرواهيءَ سبب وبائن کي مُنهن ڏيندڙ ٿرواسي

تحرير؛غازي بجير

ٿرپارڪر ضلعو معدني وسيلن سان جيترو مالامال آهي وري مسئلا اُنهي کان به وڌيڪ آهن،معدني وسيلا ته رُڳو نالي جا آهن اُنهن وسيلن جا مالڪ ٿري مارو ماڻهو بک،بدحالي،غربت،مهانگائي ۽ بيروزگاري سبب خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آهن، سمورن مسئلن جو ذڪر ڪنداسين ته ٿر مسئلن جو گهر بڻيل آهي پر هن وقت ٿر ۾ مڇرن جي آزار ماڻهن کان سڪون آرام کسي ورتو آهي،مڇرن جي آزار سبب مليريا ته پکڙيل آهي پر مليريا بعد وري ڊينگي به وبائي شڪل اختيار ڪري ويو آهي،هڪ رپورٽ موجب سيپٽمبر کان اڄ تائين ٿر ۾ ڊينگي جا 200 ڪيس ظاهر ٿيا آهن،اُنهي کانسواءِ وڌيڪ ڪيترائي ڪيس هجڻ جا اطلاع آهن جن مريضن جون ٽيسٽون ٿيل ناهن، ڊينگي وگهي رُڳو ڏيڊ مهيني دوران پنج نوجوان زندگي جي جنگ هارائي چُڪا آهن، ٿر جي ستن ئي تعلقن مٺي،اسلام ڪوٽ، ڇاڇرو، ڏيپلو، ننگرپارڪر، ڪلوئي، ڏاهلي جي 2305 ڳوٺن ۾ مُلڪ وجود ۾ آئي کان وٺي اڄ ڏينهن تائين ڪڏهن به مڇرمار اسپري ناهي ٿيو،باقي شهرن جي ڳالهھ ڪيون ته اُتي ميڊيا تي خبرون اچڻ بعد ٽائونن جي انتظاميا صحت کاتي سان ملي ڪري رُڳو پيٽرول جو دونهون ڪري ڦوٽو سيشن ڪري جان ڇڏائي بجيٽ ڪڍرائي وٺندي آهي،اُنهي پيٽرول جي دونهي سان مڇرن جو آزار ختم ٿيڻ بدران ويتر لڪيل مڇر به نڪريو اچن،

مليريا کاتو ته هاڻي رُڳو نالي جو رهيو آهي،مليريا کاتي کي هر سال ڪروڙن جي بجيٽ جاري ٿئي ٿي،صحت کاتي کي الڳ دوائن جي مد ۾ بجيٽ ملي ٿي،ٽائونن کي بجيٽ ملي ٿي ته ڊي سي آفيس کي الاهي ڪيترين ئي آفتن توڙي ايمرجنسي صورتحال کي مُنهن ڏيڻ لاءِ بجيٽ ملي ٿي،پر مجال آهي جو اُهي بجيٽون ڪٿي خرچ ٿيندي نظر اچن،

مليريا کاتي جي ڪٿي ڪارڪردگي ته ڪا نظر نه ٿي اچي پر اُنهي کاتي ۾ مقرر ٿيل ملازم به ڪٿي ۽ ڪيترا آهن،ڪاخبرچار ڪونهي، ايڏي وڏي ضلعي جي ڀينگ لڳي پئي آهي،بجيٽون حصا پتي ٿي کائجيو وڃن،ميڊيا رپورٽ ڪري ٿڪجي پوي،مسڪين مريض دربدر ٿي مريو وڃن،پر ڪنهن جي ڪن تي ڪا جونءَ به نه ٿي چُري،

هن وقت ٿر جي صورتحال هي آهي ته ڊينگي ۽ مليريا بخار وبائي شڪل اختيار ڪري چُڪو آهي،سون جي تعداد ۾ مليريا ۽ ڊينگي جا ڪيس ظاهر ٿيا آهن،اسپتالن جي صورتحال خراب آهي اُتي ڪا دوا ٽڪي ناهي،ٿر جي ڳوٺن ۾ ڊسپينسريون اڪثر بند آهن ۽ جتي کيل آهن اُنهن ۾ ڪا به سهوليت ڪونهي،شهرن جي اسپتالن مان مٺي جي بجيٽ ٻيڻي ٽيڻي ڪئي ويئي،پر اسپتال ۾ سهوليتن نالي ڪجھه به ناهي،اسلام ڪوٽ،ڇاڇرو،ڏيپلو،ننگر پارڪر،چيلهار،ڪلوئي جي اسپتالن ۾ مريض دربدر هوندا آهن،مريض علاج وسيلي اسپتال پهچن ته علاج بدران اڳواٽ ريفر ليٽر ٺهيل هوندو آهي جيڪو هٿ ۾ پڪڙائي اڳتي روانو ڪيو وڃي،

ضلعي جي آفيسن ۾ آفيسرن جي لاپرواهي ۽ مسئلن کان ڪن لاٽار،هر مسئلي کي اجايو سمجهي ٽارڻ جا نتيجا ڀيانڪ ٿي سامهون اچن ٿا،ضلعي جو ڊپٽي ڪمشنر ۽ ڊي ايڇ او خبر ناهي هن وقت پيدا ٿيل صورتحال تي مسلسل خاموش ڇو آهن،

ڊي سي ٿرپارڪر سمورن معاملن کان لاتعلق بڻيل آهي،ضلعي ۾ مسئلا ته صاحب کي نظر نه ٿا اچن،باقي ميڊيا تي رپورٽ ٿيندڙ رپورٽون هونئن بي بنياد نظر اينديون هونديون،پر ٿر جي ماڻهن جون دانهون ۽ هي بيماريون به مذاق آهن،

ڇا ٿر جا ماڻهو جيڪي هن وبائي بيمارين ۾ مبتلا آهن هي سڀ ڄاڻي واڻي پياڪي، ڪير به بيمار ڪونهي،سڀ ڪوڙا آهن،تازو جيڪي ڊينگي وگهي نوجوان فوت ٿيا آهن،يا جيڪي حيدرآباد جي اسپتالن ڀيڙا ٿيل آهن هي سڀ خوشي وچان اسپتالن ۾ داخل ٿيل آهن،هي سڀ سوال آهن ڪامورن ۽ هتان جي چونڊيل نمائيندن کان ته هُو هنن سوالن جا عوام کي جواب ڏين،

ٿر جا چونڊيل نمائيندا رُڳو اليڪشن ۾ پنهنجو ووٽ وٺڻ فرض سمجهن ٿا،اليڪشن ۾ ڪاميابي بعد وري واپس وري به ناهن ڏسندا ته تڪ جي عوام جا ڪهڙا حال آهن، مجال آهي جو چونڊجي وڃڻ بعد هُو حُڪومت کي عوامي مسئلن بابت آگاھ ڪن،

ضلعي جو ايڊمنسٽريٽر رُڳو ڪرسي تي مقرر لاءِ رکيو ويندو آهي،اُهو ڪرسي تي به نه ويهي،عوام صبح شام در تان ڌڪا کائي واپس اچي،ڊي سي سان ملڻ لاءِ اگر عام ماڻهو کي مهينن جا مهينا لڳيو وڃن ته سمجهو صورتحال ڪهڙي هوندي،

هن وقت ٿرپارڪر ضلعو انتظامي حوالي سان مڪمل طور تي لاوارث بڻيل آهي،ڪو به آفيسر پنهنجي ذميواري چڱي نموني نڀائڻ لاءِ تيار ڪونهي،ايڏي وڏي اربين روپين جي ايندڙ بجيٽ جو ڪير پڇاڻو ڪرڻ وارو ڪونهي،ضلعي جو ايڊمنسٽريٽر جيڪڏهن هتان جي مسئلن بابت حڪومت کي غلط بريف ڪري،عوام جي دردن جو سهارو بڻجڻ بدران سڀ ڪجهھ ٺيڪ هئڻ جو چئي ڦٽن تي لوڻ ٻُرڪي ته اهڙي آفيسر کي ڪُرسي تي ويهڻ جو حق نه آهي.

اچرج اُنهي ڳالهھ جي آهي ته ٽي ڏينهن اڳ ۾ ڊي سي پاران ٿر جي سول سوسائٽي جي احتجاج کانپوءِ ڪوٺايل گڏجاڻي ۾ صحت کاتي جا ملازم ۽ ڊي ايڇ ويهاري هڪ تير ۾ ٻه شڪار ڪيا ويا،گذريل ڪجهھ ڏينهن کان روبيلا ۽ مختلف بيمارين جي اڳواٽ حفاظتي ٽڪن جي مهم جي سلسلي ۾ سيمينار ڪرائڻ لاءِ پروگرام رٿيل هو جيڪو واپارين ۽ ھارين واري گڏجاڻي ۾ ئي بينر لڳائي ڊي ايڇ او سميت ٻه چار هيلٿ کاتي جا ملازم ويهاري فوٽوسيشن ڪيو ويو،ان ڳالهھ جي ميڊيا سميت سول سوسائٽي اڳواڻن کي ان وقت خبر پئي جڏهن گڏجاڻي ختم ٿيڻ تي ڊي سي ۽ ڊي ايڇ او پاران اهو چيو ويو ته اتفاق سان ميٽنگون گڏ ٿي ويون آھن ۽ ڊي ايڇ او صاحب ان مهم بابت ليڪچر ڏيڻ شروع ڪيو،جنهن تي سول سوسائٽي جي اڳواڻن ۽ نوجوانن عجب ۾ پئجي سوچڻ شروع ڪيو ته اصل ۾ ٿر جي هارين سان گڏجاڻي هئي يا صحت کاتي جو سيمينار؟هي حالت آهي پنهنجن ادارن جي،

هن وقت ٿر ۾ صحت،پاڻي،تعليم،روينيو،لائيو اسٽاڪ،پبلڪ هيلٿ سميت ٻيا سمورا کاتا نالي ماتر رهيا آهن،جن مان عوام کي ڪو به رليف ناهي ملي رهيو،جنهن سبب ضلعي جو 18 لک عوام دربدر آهي،اُنهي ڪري ٿر جي نوجوانن کي گُهرجي ته هُو هاڻي هن جديد دور ۾ عوام جو ڀرجهلو ٿين،يقينن عوام جي طاقت اڳيان ڪير ڪجهھ به ناهي،هي مقرر ٿيل سمورا ڪامورا عوام جي ٽيڪس تي پلجن ٿا،ٿرواسين کي سجاڳ ٿي پنهنجا سمورا مسئلا حل ڪرائڻ لاءِ جدوجهد جي ميدان ۾ اچڻ گهرجي،اُنهي لاءِ نوجوانن کي هر گهر مان نڪري سوچڻو پوندو ۽ احتجاجن سميت عدالتن ذريعي ڪامورن کان حساب ڪتاب وٺڻو پوندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.