ڪراچي ۾ فليٽ کي باهه، هڪ ڄڻو سڙي فوت، ٻارن سميت 7 ڄڻا سڙي زخمي

ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي ۾ لياري جي لياقت ڪالوني ۾ گيس جي ليڪيج سبب هڪ فليٽ کي باهه لڳي وئي جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو سڙي فوت ٿي ويو جڏهن ته ٻارن سميت 07 ڄڻا سڙي زخمي ٿي پيا آهن. تفصيل مطابق ڪراچي جي ڪلري ٿاڻي جي حد ۾ واقع لياري جي لياقت ڪالوني جي هڪ فليٽ ۾ گيس جي لائين ليڪيج سبب ڌماڪي سان ڦاٽي پئي ۽ باهه لڳي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 30 ورهين جو اسحاق پٽ مشتاق سڙي فوت ٿي ويو جڏهن ته ٻارن سميت 7 گهر ڀاتي سڙي زخمي ٿي پيا جن کي سول اسپتال ڪراچي جي برنس وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو آهي. زخمين ۾ 25 ورهين جي ڪومل زال اسحاق ، 9 مهينن جو عرفان پٽ اسحاق ، 7 ورهين جي حبا ڌي اسحاق ، 34 ورهين جي رشيده زال رضوان ، 6 ورهين جي زينب ڌي رضوان ، 11 ورهين جو زين العابدين پٽ رضوان ۽ 5 ورهين جي عليشبا شامل آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.