”راڄوڻي ڪريو“سجاول ۾ زيادتي جو شڪار ناري جي وارثن کي ڌمڪيون

سجاول (رپورٽ: امتياز علي سومرو ) سجاول ۾ پنج ڏينھن اڳ ڳوٺ اڱاريو سهتو ۾ مبينا طور زيادتي جو شڪار ناري جي ڀائرن عبدالغنيسهتو ۽ مرتصي سهتو پريس ڪلب سجاول ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي دانهيو ته سجاول پوليس ڀيڻ سان زيادتي ڪندڙ چئن جوابدارن مان صرف هڪ جوابدار ڌڻي بخش سهتو کي گرفتار ڪيو آھي، باقي ٽي جوابدار آزاد گهمي رهيا آھن، ھنن چيو ته بااثر جوابدارن پاران ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ موتمار ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، اسان کي انهن مان جاني ۽ مالي نقصان جو خطرو آھي، ھنن چيو ته واقعي ۾ ملوث بااثر جوابدار ڏوهاري قسم جا ماڻھو آھن ۽ مٿن مختلف ٿاڻن تي ڪيس پڻ داخل آھن پر پوليس ڪيس ۾ نامزد جوابدار کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ٽال مٽول ڪري رهي آهي جيڪا سراسر زيادتي ۽ ناانصافي ڪئي پئي وڃي، هنن وڌيڪ چيو ته اسان جو ڪوبه زميني تڪرار ناهي، ھنن چتاءَ ڏيندي چيو آهي ڀيڻ سان زيادتي ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي ٻي صورت ۾ سڀاڻي جمع تي عورتن، مردن ۽ معصوم ٻارڙن سميت بدين ڪراچي روڊ بند ڪري ايس ايس پي جي آفيس آڏو ڌرڻو هڻنداسين جيڪو جوابدارن جي گرفتاري تائين ڌرڻو ختم نه ڪنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.