بلاول کي تقرير نه ڪرائڻ تي گوڙ، اسپيڪر ۽ مندوخيل ۾ ڏند چڪ

اسلام آباد( م ڊ) پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ پ پ ۽ سرڪاري ميمبرن ۾ بلاول کي تقرير جو وارو نه ڏيڻ تي ڏند چڪ ٿي، قادر مندوخيل ۽ اسپيڪر اسد قيصر ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي. پارليامينٽ اجلاس ۾ بابر اعواڻ آئٽم پيش ڪيو ته پ پ بلاول کي تقرير ڏيڻ جو مطالبو ڪيو. پ پ وارن اسپيڪر ڊائيس جو گهيرو ڪيو. ان دوران قادر مندوخيل ۽ اسپيڪر ۾ جملن جي ڏي وٺ ٿي. اسپيڪر قادر مندوخيل کي وارننگ ڏني، جنهن بعد هن چيو ته مان اوهان کي معطل ڪيان ٿو. هن بلاول کي به پنهنجي ميمبر بابت نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.