سردارن ۽ ڀوتارن مان ڪيئن جند ڇڏائجي!

تحرير؛ڪبير ڀيل

سنڌي  سماج کي جتي نااهل حُڪمراني ڏنگ هڻي اسان جي وسيلن کي تين وال ڪندي رهي آھي اتي ڪجهھ اندروني خاموش بيمارين ماڳهين ڏيوالو ئي ڪڍي ڇڏيو آھي اهي آھستي آھستي کائيندڙ بيماريون (Silent killers ) يا ناسور وڏيرڪو، سرداري، ڀوتارڪو ۽ پيري مريدي وارو استحصال پسند نظام آھي جيڪو ڦورو طبقن جي ڦرڻ جو ڦند آھي ۽ اهو پورهيت طبقي جي محتاجي، عقيدي پرستي ۽ پسماندگي جو نتيجو آھي. جدليات جي قانون موجب اندروني تضاد ٻاهرين تضادن کان وڌيڪ خطرناڪ ۽ اندر آھستي آھستي کائيندڙ هوندا آھن ۽ جتي جڳاڙي جمھوريت جي آڙ ۾ رياستي جبر ۽ اڻ ليکائين ڊڪٽيٽرشپ هجي اتي  هر روز نوان مسئلا پيدا ڪندڙ ۽ ڄڻ ته مسئلن جو ابو هتان جو وڏيرڪو، سردارڪو ۽ ڀوتارڪو نظام آھي، جيڪو جاگيرداراڻي سماج جي باقيات آھي

بظاهر اسان کي ائين محسوس ٿئي ٿو ڄڻ جاگيرداراڻو سماج ختم ٿي سرمائيداري ۾ تبديل ٿي چڪو آھي اها حقيقت آھي ته جاگيردارڻو سماج ان انداز ۾ ناهي رهيو جيڪو انگريزن جي دور ۽ ان کان پوءِ ويجهڙ ۾ رهيو پر هتي اهم سوال اهو پڻ آھي ته اسين جاگيرداراڻو سماج چئون ڇا کي ٿا … هڪ عام تصور جاگيرداراڻي حوالي سان جاگير ۽ زمين سان ورتو وڃي ٿو پر مادي شڪل کان هٽي ڪري جاگيرداراڻي سوچ اسان مان ناهي نڪري سگهي وڏيرن، سردارن ۽ ڀوتارن کي ڇڏي اسين وائيٽ ڪالر اديب سڏرائيندڙ ۽ قومي انقلابي سياست ڪندڙ پڻ جاگيرداراڻن روين جو اڻ ليکائين طريقي سان شڪار ٿيون ٿا ۽ خود پاڻ به اهڙن روين جو اظھار ڪريون ٿا  تنھن جي ڪري ئي اسين طبقاتي سياست کي سمجهي ناهيون سگهيا.

وڏيراشاهي هڪ اهڙي سوچ آھي جيڪا رات پيٽ وچ ۾ وڌي وڏي ناهي ٿي پر اها آھستي آھستي حڪمرانن جي هٿي سان ان حالت ۾ آئي آھي جو هاڻ هو آساني سان پورهيت جو استحصال ڪري وڃي ٿي.

سنڌ جي اندر جيڪو فرد وڏيراشاهي ۽ سرداري نظام کي بھتر سمجهي ٿو ۽ ان جو دفاع ان دليل سان ڪري ٿو ته سڀ وڏيرا ۽ سردار خراب ناهن اسان جي علائقي جو وڏيرو ۽ سردار سٺو آھي چڱا ڪم ڪري ٿو اسان سان کائي پيئي ٿو ان جو مطلب ائين ٿيو ته هڪ همراه چئي ته دهشتگردي خراب ناهي ڪجھ دھشتگرد ڀلا آھن اسان جي پاڙي وارو دھشتگرد سٺو آھي ۽ اسان کي چانھه پيئاري ٿو يا اسان جي پاڙي جو چور سٺو آھي پاڙي ۾ چوري نٿو ڪري… ياد رکڻ گهرجي ته جيڪو به وڏيرو، سردار ۽ ڀوتار جيڪڏھن چڱو ڪم ڪري ٿو ۽ پنھنجي علائقي جي ماڻھن کي ڀانئي ٿو ان جو مطلب اهو قطعي ناهي ته ڪو هو پورهيت دوست آھي دراصل هو انهن تي نفسياتي حملو ڪري، انھن کي وڌيڪ پڪا ۽ مضبوط غلام رکڻ چاهي ٿو ته جيئن اهي منهنجا مضبوط غلام هجن ۽ آئون سدائين انھن جو وڏو ٿي انھن جي حقن تي قابض رهان.

سرداري ۽ وڏيرڪي نظام ڪڏھن به سنڌ ۾ ڪا تبديلي ناهي آندي ها انھن ام رباب جھڙين نياڻين کي لاوارث ڪيو آھي انھن فطرت دوست ناظم جوکيو کي بيدردي سان قتل ڪري سندس وني جو جيئڻ جنجال ڪرڻ سان گڏ هتان جي لوئي ۽ لڄ کي پڻ شرمسار ڪيو آھي جنهن جي نشاندهي پاڪستان جي مشھور صحافي حامد مير پڻ ڪئي ته سنڌ جا وڏيرا ۽ سردار عربن کي نه رڳو شڪار ڪرڻ ڏين ٿا ۽ انھن جا پاٿاريدار بڻيل آهن پر اهي پنهنجي لڄ به شڪارين حوالي ڪن ٿا. پليجي صاحب پڻ سچي ڳالھه ڪئي آھي ته سنڌ جو وڏيرو ڪرسي خاطر پنھنجي ماءُ جو چولو به وڪڻي سگهي ٿو. سا وڏيراشاهي، سرداري ۽ ڀوتارڪو نظام ناسور بڻيل آھي. سماج جي اندر ڪجهھ تبديليون ارتقائي هونديون آھن ته ڪجهھ انقلابي تڪڙيون اينديون آھن پر انھن تڪڙين تبديلين پويان پڻ ارتقائي عمل هوندو آھي. سنڌ اڳي ئي انھن وڏيرن ۽ سردارن کان خفا ٿي چڪي آھي ان جو نتيجو ۽ اظھار شھيد ناظم جوکيو جي قتل خلاف سنڌ گير مزاحمت ۽ احتجاج آھي، ڪيئن سنڌي روڊن تي آيا انھن لکيو ۽ ڳالهايو ۽ وڏيرڪي سرداري نظام خلاف نفرت جو کلي انداز ۾ اظھار ڪيو اها نفرت وڏيرڪي نظام ۽ سرداري نظام خلاف انھن وٽ اڳي هئي پر ڪو اهڙو سنڌ سطح جو پليٽ فارم يا اشو نه پئي مليو جنھن تي هو بي خوف ٿي اظھار ڪري سگهن. جتي سماجي استحصال لئه جديد هٿيار استعمال ٿي رهيا آھن اتي هاڻي سنڌ به تبديل ٿي رهي آھي. سوال اهو آھي ته هاڻوڪي تبديل ٿيندڙ سنڌ جنھن ۾ وڏيري ۽ سرداري نظام خلاف نفرت جي باھ ٻري آھي ان کي مٿي چاڙھي ان نظام جي مڪمل خاتمي طرف ڪيئن وٺي وڃجي!؟

هتي آئون ڪجهھ تجويزون پيش ڪرڻ چاهيان ٿو جن تي عمل ڪرڻ سان اسين هنن وڏيرن، سردارن ۽ ڀوتارن هٿان ٿيندڙ قومي اندروني ڦرلٽ مان جان آجي ڪرائي سگهون ٿا ها اهو عمل ٿورو وڌيڪ وقت وٺندڙ ضرور آھي پر ناممڪن نه.

  1. 1. وڏيرن، سردارن ۽ ڀوتارن جي ڪارڪردگي ۽ انھن جي ڪيل ڪلورن تي سنڌ جي سمورين ترقي پسند انقلابي سياسي پارٽين کي کُلي انداز ۾ ڳالهائڻ ۽ لکڻ سان گڏ پنهنجي سياسي ايجنڊا بڻائڻ گهرجي.

2 . ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي وڏيرن ۽ سردارن خلاف لکڻ کي يقيني بڻائجي ۽ رڪاوٽ بڻجندڙ ڀاءُ توڙي وڏي کي اصل حقيقتن ۽ ڪرتوتن کان چڱي ريت واقف ڪجي.

  1. 3. طبقاتي جدوجھد ۽ قومي اندروني ڦرلٽ بابت تعليمي سرگرميون ڪري نوجوانن کي آگاھه ڪجي.

4 . ووٽ ضمير جو نه هجي ڇاڪاڻ جو ضمير بي ضمير ٿي وڃي ٿو ووٽ ڪردار ۽ ڪارڪردگي جو هجڻ گهرجي ايندڙ اليڪشن ۾ وڏيرن ۽ سردارن کي ووٽ ڏيڻ کان بائڪاٽ ڪجي.

5 . وڏيرڪي ۽ سرداري نظام خلاف وڪيل، صحافي، اديب ۽ شاعر جيڪي تقريباً اقتداري ڌرين جا پڇ لٽڪائو آھن انھن کي قلم جي بي عزتي ڪرڻ بجاءِ قلم جو مان مرتبو رکندي وڏيرڪي ۽ سرداري نظام خلاف بيباڪي سان گڏيل جدوجھد ڪرڻ گهرجي.

6 . وڏيرڪي ۽ سرداري نظام طرفان پورهيت ۽ مظلومن تي ڪيل ظلم جا داستان لکي پمفليٽن جي صورت ۾ ورهائڻ گهرجن.

7 . وڏيرڪي ۽ سرداري نظام خلاف سڏ ٿئي ته قومي ٻڌي جو مظاهرو ڪري ٻيا سمورا ويڇا وساري ترقي پسند، روشن خيال ۽ خوشحال سنڌ جي ڪاز تي گڏ ٿجي.

8 . هر ان مڪتبه فڪر کان رستا ڌار ڪجن جيڪي سنڌ جي آجپي لئه وڏيرن کي گڏ کڻي هلڻ چاهن ٿا، ڇاڪاڻ جو اهو پڻ هڪ سنڌ دشمن عمل آھي ڇو جو سڀ وڏيرا محمد خان جوڻيجو ۽ فاضل راهو نٿا ٿي سگهن اهي ته هيٺ لهي آيا فاضل راهو ته هزارين ايڪڙ زمين هوندي پنهنجو طبقو ڇڏي هارين جو ٻانھن ٻيلي ۽ آواز بڻيو. هن وقت سنڌ جو وڏيرو ماڻھو پيو مارائي عزتون پيو وڪڻي ان سان ٺاھ سنڌ سان دوکي کان گهٽ نه هوندو.

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.