جيڪو ٿري عوام چاهي ٿو سوئي ڪم ڪريو

عوامي آواز جي رپورٽر غازي بجير جي رپورٽ موجب ننگر پارڪر جي شهرن سميت ڀرپاسي جي علائقن ۾ اربين روپين جي لاڳت سان ٺهندڙ 20 ننڍن وڏن ڊيمن جي لوڪيشن غلط چونڊڻ ڪري ڊيمن جو بنيادي مقصد ئي پورو نه ٿيندو. ورلڊ بينڪ جي سهڪار سان ٺهندڙ ڊيمن وارن هنڌن تي رهواسين جي سخت اعتراض کي انتظاميا سميت ٺيڪيدارن ٿڌي ڇڏيو آهي. مقامي ڳوٺاڻن جي سروي زمينن توڙي لنگهن ۽ رستن تي قبضا ڪري ڊيم ٺاهيا پيا وڃن اعتراض ۽ دانهن ڪندڙ اٻوجهه ڳوٺاڻن کي ٺيڪيدار ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جو ڌمڪيون ڏئي خاموش ڪرائڻ ۾ رڌل آهن. هن منصوبي ۾ ڪروڙين روپين جي ڪرپشن پڻ هڪ وڏو مسئلو آهي. جڏهن ته ورلڊ بينڪ پاران معاهدو ڪيل آهي ته جتي ڊيم ٺاهيو ٿا اتي مقامي آبادي جي اعتراض کي نظر ۾ رکي ڪم ڪيو وڃي.

ٻئي پاسي رپورٽن موجب ڪارونجهر فورم جي مقامي اڳواڻن ڊيمن خلاف سخت موقف اختيار ڪندي احتجاج سميت عدالت ۾ وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سندن چوڻ آهي ته ننگر پارڪر ۾ ٺهندڙ اربين روپين وارن ڊيمن ۾ سرعام ناقص مٽيريل سميت ننگر پارڪر جي ريتي، ڪرش، بجري ۽ پابندي باوجود ڪارونجهر جبل جو پٿر استعمال ڪيو پيو وڃي. پي ٽي آءِ ٿرپارڪر جي اڳواڻن پڻ اسلام ڪوٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي الزام لڳايو آهي ته ڊيمن جي نالي تي اربين روپيا وٺي اتي ڊيمن جو قبرستان ٺاهيو پيو وڃي.

ان حوالي ۾ اسان جو هميشه کان اهو موقف رهيو آهي ته حڪمرانن کي اها ڳالهه  چڱيءَ ريت سمجهڻ گهرجي اڃا به ايئن چئجي ته پاڻ تي واضح ڪرڻ گهرجي ته حڪومت ڪرڻ جو مقصد عوام تي حڪمراني ڪرڻ نه پر انهن جو نوڪر ٿي سندن خدمت ڪرڻ هوندي آهي. حڪمرانن جون پگهارون سرڪاري طور تي عوام جي ٽيڪسن مان ٺهنديون آهن. ان حساب ۾ عوام ئي اصل ۾ حڪمران هوندو آهي ۽ حڪمران عوام جي مرضيءَ تحت ڊيوٽي ڪرڻ جو پابند هوندو آهي. ان نظرئي جي روشني ۾ ڏسجي ته سنڌ سرڪار کي ٿر جي عوام جي مرضيءَ موجب ڊيم ٺاهڻا آهن نه ڪي پنهنجي مرضيءَ تحت. ٿر جي عوام کي، سياسي سماجي تنظيمن کي ان منصوبي تي جيڪي به اعتراض آهن سي هڪ ڪن مان ٻڌي ٻئي ڪن مان ڪڍڻ جو حڪومت توڙي مقامي انتظاميا کي اختيار ناهي. تنهن ڪري حڪومت کي گهرجي ته اها عوام سان سنڌي رابطي ۾ اچي ۽ انهن جي اعتراضن جي روشنيءَ ۾ ڊيمن جي منصوبي ۾ هٿ وجهي. پر هتي الٽو کين چپ رهڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن.

اعتراض بنيادي طور تي ڊيمن ٺاهڻ تي نه پر انهن جي هنڌن جي چونڊ، توڙي ان جي طريقڪار ۽ معيار تي آهي. ٿري ۽ ٿر جون سياسي سماجي تنظيمون سمجهن ٿيون ته هتي ڊيم نه پر ڊيمن جي نالي ۾ قبرستان ٺاهيا پيا وڃن، مطلب ته انهن سان صرف ۽ صرف تباهي ايندي جنهن سان تمام وڏو جاني نقصان ٿيندو.

سو ڊيمن جهڙا منصوبا ڪا ٻاراڻي راند ناهي. انهن جي پائيداري تي ڪنهن به قسم جي سوديبازي جو سوچي به نٿو سگهجي. ٻيو وڏو اعتراض ڪارونجهر جبل سان هٿ چراند جي به وڏي دانهن آهي.

اسان عوام جي مرضي وارن ۽ سندن اعتماد وارن منصوبن، توڙي انهن جي طئي ٿيل طريقڪار جي حق ۾ آهيون. اسان کي اهو ئي ڪرڻ گهرجي جيڪو ٿري عوام چاهي ٿو. ٿر لاءِ جيڪو به منصوبو جوڙيو وڃي تنهن لاءِ سڀ کان اڳ ۾ انهن کي اعتماد ۾ وٺڻ گهرجي انهن جي اعتماد بنا، راضپي بنا جيڪڏهن اوهان اتي جنت به ٺاهيو ٿا ته اسان کي اها منظور نه آهي. اسان کي ٿري عوام جي خواهشن ۽ امنگن جي حڪومت گهرجي جيڪا سندن نبض تي هٿ رکي حڪومت ڪري ۽ سندن خواهش موجب منصوبا جوڙي. تباهي جي نالي ۾ ترقي جي اجازت  نه ڏبي.

اسان ٿري عوام جي هتي نمائندگي ڪنداسين، آئيني قانوني ۽ اخلاقي گهرجن جي تلقين ڪنداسين اسان کي ڊيمن بابت عوامي آواز ۾ ڇپيل رپورٽ پڙهي بيحد افسوس ٿيو آهي، ٿري عوام کي جنهن ريت پريشان ڪيو ويو آهي، ايذايو ويو آهي تنهن تي شديد صدمو رسيو آهي. ڪنهن حڪومت کي اهو حق نه آهي ته اها عوام کان ووٽ وٺي، اقتدار جي مسند تي ويهي، بادشاهه بڻجي عوام کي ئي تباهه ۽ برباد ڪري. عوام جي ئي جهڳين کي سندن سروي زمينن، لنگهن کي بلڊوز ڪري، سندن ارمانن کي ٿڏي ڇڏي.

جمهوري حڪومت چئبو ئي ان کي آهي جيڪا عوام جي مرضيءَ موجب ڪئي وڃي، حڪمران اصل ۾ عوام جي نمائندگي ڪندا آهن تنهن ڪري ئي اهي پارليامينٽ اندر سندن نمائندا بڻجي ويهاريا ويندا آهن. پر افسوس ته اڄ جي حڪمرانن ۽ حڪومت جو قبلو ئي درست نه آهي. انهن کي اها ئي خبر نه آهي ته حڪومت ڪنهن کي چئبو آهي، جمهوريت ڇا ٿيندي آهي، عوام جي طاقت ڇا آهي، اوهان عوام جي مرضيءَ کي جنهن شدت سان ٿڏيندو، عوام به اوهان کي ان ئي شدت سان ٿڏي ڇڏيندو. اها ئي تاريخ آهي. اهو ئي تاريخ جو سبق آهي.

 

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.