ڪراچي ۾ ويڪسينيٽر 15هين ڏينهن به بک هڙتال تي ويٺل

ڪراچي(رپورٽر) ويڪسينيشن ويلفيئر ايسوسيئيشن جي سڏ تي سنڌ جي وئڪسنيٽرن پاران جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ 15 هين ڏينهن به ڪراچي پريس ڪلب اڳيان بک هڙتال ڪئمپ قائم ڪئي وئي،ان موقعي اڳواڻن مولابخش چانڊيو، خدا بخش قريشي، غياث الدين،نصرالله ميمڻ، سلطان ۽ ٻين چيو ته  سنڌ حڪومت ويڪسينيٽرن سان مسلسل ناجائزي ڪري رهي آهي،هنن چيو ته اسان کي بحال نه ڪرڻ جو مقصد روبيلا مهم جو فنڊ هڙپ ڪرڻ آهي، سنڌ جي مخلتف ضلعن ۾ نان ٽڪينيڪل وئڪسينيٽرن کي ڏهاڙي تي رکي معصوم ٻارن سا ظلم ڪيو پيو وڃي، هن وقت ڪيترن ئي ضلعن ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته روبيلا جي مهم هلائيندڙ وئڪسينيٽرن کي خبر ئي ناهي ته ٻارن کي ٽڪا ڪيئن لڳندا آهن،هنن چيو ته ڪنهن به ٻار کي نقصان پهتو ته سنڌ حڪومت ذميوار هوندي، هنن چيو ته اسان وئڪسينيٽرن جي تحريڪ جائز مطالبا حل ڪرڻ تائين جاري رهندي، ان موقعي تي الله بخش سنگراسي، نثار احمد منگي، مبارڪ،امير بخش بگٽي،ڊوگر پوري ۽ ٻيا موجود هئا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.