لکي غلام شاهه: جتوئي برادري ۾ ڪارنهن تڪرار جو جرڳو، 3 ڪروڙ 30 لک رپيا ڏنڊ

لکي غلام شاھ(رپورٽ نديم جان مهر) لکي غلام شاھ لڳ رستم ٿاڻي جي حد ۾  ڪارنهن تڪرار تان هلندڙ خوني ويڙھ جو جرڳو شڪارپور هائوس تي سردار فتح محمد خان جتوئي ،اڳوڻي ايم اين اي ڊاڪٽر محمد ابراهيم جتوئي، اڳوڻي صوبائي وزير مير عابد حسين خان جتوئي ۽ امير علي جتوئي جي سرپئنچي ھيٺ ٿي گذريو ڌرين تي مجموعي طور تي 3 ڪروڙ 30 لک ڏنڊ مقرر ڪيو ويو جنهن ۾ ڪمالاڻي ڌر جا 8 مرد ثابت ٿيڻ تي  في خون 15 لک ۽ ھڪ عورت جا 30 لک مجموعي طور تي 1 ڪروڙ 50 لک عطراڻي ۽ سعدخاناڻي ڌرين تي  ڏنڊ وڌو ويو جڏهن ته عطراڻي ۽ سعدخاڻي ڌر جا 6 مرد ثابت ٿيڻ تي  في خون 15 لک جي حساب سان ڪمالاڻين تي  ٽوٽل 90 لک مردن جا ۽ 3 عورتن جا 90 لک في خون 30 لک پڻ مقرر ڪيا ويا جنهنجي ٽوٽل رقم 1 ڪروڙ 80 لک ڪمالاڻي تي ڏنڊ وڌو ويو،خونن جون رقم پاڻ جهاڙ ڪرائڻ بعد ڪمالاڻين جي ڌر مٿان 30 لک بقايا ٿيا جيڪي ڪجھ وقت اندر ادا ڪيا ويندا،ياد رهي ته اصل جهيڙو ڪمالاڻي سعدخاناڻي ڌرين جو ڪارنهن تڪرار تان ٿيو هيو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.