رتي ديري ۾ ويم دوران عورت فوت، وارثن جو ڊاڪٽرياڻي تي الزام، ڌرڻو

رتوديرو( رپورٽ: طفيل ساريو) رتي ديري ۾  ويم دوران 30 ورھين جي عورت فوت ٿي وئي. وارثن ڊاڪٽرياڻي خلاف احتجاج ڪيو. رتي ديري شهر جي جتوئي محلي جي رهواسڻ 30 ورهين جي ريما خاتون زال ارشاد جتوئي خانگي ميڊيڪل سينٽر ۾ فوت ٿي وئي. عورت جي وارثن ايل ، ايڇ ، وي خلاف مولا بخش ، عمران ، رضا محمد ، نثار ، وحيد ۽ راشد جتوئي جي اڳواڻي ۾ ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.  ان موقعي تي فوتي ناري جي ڀاء مولابخش جتوئي ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته گذريل رات پنھنجي ڀيڻ کي ويم ڪرائڻ لاء خانگي ميڊيڪل سينٽر تي وٺي ويا ھيا سين جتي ايل ، ايڇ ، وي نظيران کوکر اسان کي نارمل ڊليوري جو چئي مختلف ميڊيڪل ٽيسٽون ڪرائڻ بعد سينٽر تي داخل ڪيو ۽ اسان جي نياڻي جي ڊليوري ڪرائي جنهن دوران منهنجي ڀيڻ جو گهڻو خون ضايع ٿي ويو پر ان باوجود به هن 06 ڪلاڪن تائين اسان کي ميڊيڪل سينٽر تي ترسايو مريض جي حالت خراب ھجڻ باوجود ڊاڪٽرياڻي دائي کي بيهاري پاڻ گھر هلي وئي. ان بعد ڊاڪٽرياڻي اسان کي لاڙڪاڻي کڻي وڃڻ لاء چيو ، اسان جيئن ئي هن کي لاڙڪاڻي علاج لاءِ کڻي وڃي رهيا هئا سين ته هو رستي ۾ فوت ٿي وئي. ھن مطالبو ڪيو ته لاپرواهي ڪندڙ ڊاڪٽرياڻي مٿان ڪيس داخل ڪري کيس گرفتار ڪيو وڃي . 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.