حڪومت ۽ مخالف ڌر ۾ ڇڪتاڻ،اُلرون، جهيڙي جهڙو ماحول

اسلام آباد( م ڊ)  پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ سرڪار ۽ مخالف ڌر ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي، جهيڙو ٿيندي ٿيندي رهجي ويو.  اليڪشن رميمي بل جي منظوري تي ايوان اندر گوڙ ٿي پيو ۽ مخالف ڌر ڳڻپ کي غلط قرار ڏئي ڇڏيو.حڪومتي ميمبرن جو انگ 221 ٻڌائڻ تي گڏيل مخالف ڌر ڳڻپ کي غلط قرار ڏئي ڇڏيو . پ پ جي سينيٽر تاج حيدر چيو ته ايوان ۾ موجود حڪومتي صلاحڪارن کي به ڳڻيو ويو آهي. مخالف ڌر ٻيهر ڳڻپ جو مطالبو ڪندي ايوان ۾ سخت نعريبازي ڪئي ۽ اسپيڪر ڊائس جو گهيراءُ ڪيو. مخالف ڌر پاران ٻيهر ڳڻپ جي مطالبي تي صورتحال ڇڪتاڻ واري ٿي وئي. ايوان ۾ گو نيازي گو ۽ اسپيڪر کي آزاد ڪريو جا نعرا پڻ هنيا ويا، ايجنڊا جون ڪاپيون ڦاڙي اسپيڪر ڏانهن اڇلايون ويون .ان دوران  مرتضيٰ جاويد عباسي ۽ شهريار آفريدي ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي ۽ سارجنٽ ايٽ آرمز پهچي ويو. وفاقي وزير مراد سعيد ۽ مرتضيٰ جاويد عباسي به آمهون سامهون ٿي ويا.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.