اي وي ايم استعمال ڪرڻ يا نه ڪرڻ جو اختيار اليڪشن ڪميشن جو آهي: تجزئي نگار

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) پارليامينت جي گڏيل اجلاس ۾ اي وي ايم وارو بل منظور ٿي به ويو تڏهن به ان جي استعمال جو فيصلو اول آخر اليڪشن ڪميشن کي ئي ڪرڻو آهي، نالي واري تجزئي نگار نجم سيٺي جو چوڻ آهي ته مخالف ڌر منظور ٿيل قانونن خلاف سپريم ڪورٽ وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي پر عدالت گڏيل پارليامينٽ جي منظور ٿيل قانونن کي واپس نه وٺندي سواءِ ان جي ته جيڪڏهن ڪو آئين سان ٽڪراءُ ۾ قانون هوندو ته ان کي واپس وٺي سگهي ٿي، اي وي ايم بابت به عدالت اليڪشن ڪميشن کان راءِ  وٺندي ۽ اليڪشن ڪميشن اڳ ئي ان تي اعتراض واري ڇڏيا آهن، ان ڪري اهو آئيني طور اليڪشن ڪميشن جو استحقاق آهي ته اي وي ايم استعمال نه ڪري ان ڪري ان سان عمران خان کي ڪوبه فائدو نه پهچندو ۽ ايندڙ حڪومت انهن قانون کي رد به ڪري ڇڏيندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.