قانونسازي ۾ منهنجا ڪي ذاتي مقصد ناهن: وزيراعظم

اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ جو مستقبل شفاف جمهوريت سان ڳنڍيل آهي، سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ملڻ گهرجي، ان قانونسازي ۾ منهنجا ڪي ذاتي مقصد ناهن، وزيراعظم جي صدارت ۾ پي ٽي آءِ جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ قانونسازي تي غور ۽ اپوزيشن جي امڪاني احتجاج کي منهن ڏيڻ جي حوالي سان مشاورت ڪئي  وئي، وزيراعظم پارٽي کي پيش ٿيندڙ بلن جي حوالي سان اعتماد ۾ ورتو،هن چيو ته ملڪ ۾ صاف ۽ شفاف چونڊن جو بنياد رکڻ ۾ توهان جو ڪردار هوندو، سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ملڻ گهرجي، پارليامينٽ ميمبرن جي مسئلن کان آگاهه آهيان، انشاءَ الله جلد سڀني جون شڪايتون ختم ٿي وينديون، هن چيو ته چاهيون ٿا ته اهڙو نظام بڻايون ته سموريون پارٽيون اميدوار نتيجن کي تسليم ڪن، اي وي ايم ۽ سمنڊ پار ووٽرن کي حق ڏيڻ سان جمهوريت مضبوط ٿيندي، ان کان اڳ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته کلاڙي هر شئي لاءِ تيار هوندو آهي، ميدان ۾ لهڻ وارو مخالف کان بهتر ڪارڪردگي جو سوچيندو آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.