سي سي آءِ جي آدمشماري 2017ع جي فيصلي خلاف سنڌ حڪومت جو ريفرنس رد

اسلام آباد (بيورو+اي پي پي) پارليامينٽ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي آدمشماري 2017ع جي فيصلي جي خلاف سنڌ حڪومت جو ريفرنس رد ڪري ڇڏيو جڏهن ته وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ماضي ۾ 17، 17 سال آدمشماري نه ٿيندي هئي پر هاڻي عمران خان 5 سالن کانپوءِ نئين آدمشماري ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي،اسد عمر پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ رٿ پيش ڪئي پ پ  سينيٽر تاج حيدر چيو ته آدمشماري جو مسئلو حساس آهي، سنڌ ۾ ٻين صوبن مان اچي ماڻهو آباد ٿيا آهن، سنڌ ۾ ايندڙن کي انهن جي علائقن ۾ شمار ڪيو ويو ان لاءِ حقيقي آبادي شمار نه ٿي سگهي. سنڌ صوبي جي آبادي آدمشماري 2017ع ۾ 30 سيڪڙو گهٽ ڏيکاري وئي. ان سان اسان جي قومي اسيمبلي ۾ سيٽن ۾ به گهٽتائي ٿي آهي. ايم ڪيو ايم جي سينيٽر فيصل سبزواري چيو ته 2017ع جي آدمشماري سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ڪراچي ٿيو آهي. اسان چئون ٿا ته نئين آدمشماري ٿئي، اسد عمر چيو ته اهو انتهائي اهم مسئلو آهي، جهڙي طرح ان تي سياست ڪئي پئي وڃي سنڌ حڪومت پنهنجي دليل ۾ هڪ سروي جو حوالو ڏي ٿي، نئين آدمشماري ڪرائڻ جا ٻه رستا آهن، 2017ع جا نتيجا رد ڪيا وڃن يا انهن کي منظور ڪري وٺو ته جيئن نئين آدمشماري ٿي سگهي. ان کي جيڪڏهن نامنطور ڪنداسين ته 1998ع جي آدمشماري بحال ٿي وڃي ٿي ۽ سنڌ جو مالي ۽ سياسي نقصان ٿيندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.