کدڙن فقيرن جو وڏو انگ پيپلزپارٽي ۾ شامل

ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو چيو آهي ته کدڙن فقيرن کي ووٽ جو حق حاصل آهي ان ڪري معاشري ۾ کدڙن فقيرن جو برابر جو حق تسليم ڪرڻ گهرجي، پيپلز پارٽي چاهي ٿي ته کدڙن فقيرن کي معاشري ۾ بهتر مقام حاصل هجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن  ڪالهه وقار مهدي، صوبائي وزير اطلاعات سعيد غني ۽ جاويد ناگوري سان گڏ ڪلفٽن جي ٽين تلوار وٽ ڪئمپ آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ان موقعي تي کدڙن فقيرن جي 25 رڪني وفد بنديا رانا، زهرش خانزادي، ثنا احمد، شهزادي راءِ، سارا گل سميت 25 رڪني وفد پيپلز پارٽيءَ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.