ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ آدمشماري درست ناهي ٿي: مراد علي شاهه

اسلام آباد (م ڊ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبي ۾ مردم شماري درست نه ٿيڻ جو اعتراف ڪري ورتو. اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ پيشي کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ مردم شماري درست نه ڪئي، اسان معاملو پارليامينٽ ۾ به اٿاريو، مردم شماري کي 29 مئي تي چئلينج ڪيو هو، سنڌ جي آبادي درست طريقي سان انگن اکرن ۾ نه لکي وئي. هن چيو ته حڪومت وڃڻ واري آهي، وزيراعظم جي وڃڻ جو وقت اچي ويو آهي، هو جلد ويندو، اهي نااهل آئين جي پاسداري نه پيا ڪن، اهي ملڪ ڇا هلائيندا، حالتن جي تبديلي جون خبرون ڪراچي تائين ٻڌي رهيا آهيون، اسلام آباد جون هوائون ڪراچي تائين محسوس ٿي رهيون آهن. سندس چوڻ هو ته سنڌ سان ناانصافي ٿي رهي آهي، عمران خان جي دور ۾ ٻاراڻيون حرڪتون ڏسي رهيا آهيون، اهي حرڪتون نه اڳ ٻڌيون ۽ نه ڏٺيون، جيڪو ماحول پيدا ڪيو ويو آهي لڳي ٿو عمران خان حڪومت جا آخري ڏينهن آهن. مراد علي شاهه چيو ته نااهلن جو مجموعو حڪومت ۾ جمع ٿي ويو آهي، جيڪڏهن صوبي ۾ ڪو صحيح ڪم ڪري رهيو آهي ته وفاق انهن آفيسرن کي صوبي مان ڪڍي ٿو ڇڏي، جڏهن حڪومت پريشان ٿيندي آهي ته هيڏانهن هوڏانهن ماڻهن کي گهرائيندي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.