ٿر ۾ عرب شڪارين جون گاڏيون ۽ سامان پهچي ويو، نوجوانن پاران سوشل ميڊيا ذريعي مزاحمت

مٺي(رپورٽ:غازي بجير) ٿر ۾ عرب شڪارين پاران شڪار ڪرڻ لاءِ عرب شڪارين جون گاڏيون ۽ سامان پهچڻ شروع ٿي ويو آهي،اُنهي سلسلي ۾ گذريل ڏينهن نئوڪوٽ ۽ ڪلوئي کان وڏي تعداد ۾ عربن جون گاڏيون سامان سميت علائقن ۾ پهچي ويون آهن،شڪار لاءِ رکيل عرب شڪارين جا مقامي رکوالا عرب شڪارين جون گاڏيون کڻي ڳوٺن ۾ پهچي ويا آهن،جنهن بعد علائقن نوجوان موبائيل هٿ ۾ کڻي مزاحمت لاءِ تيار ٿي ويا آهن،گذريل ڏينهن به نوجوانن پاران نئوڪوٽ ۽ ڪلوئي وٽان گذرندڙ عرب شڪارين جي گاڏين جون وڊيوز رڪارڊ ڪري سوشل ميڊيا تي اپلوڊ ڪري مزاحمت جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي، هن وقت ڏيپلو،ڪلوئي،ڏاهلي،ڇاڇرو ۽ ٻين علائقن ۾ تيزي سان ڪئمپون قائم ٿي رهيون آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.