سرداري نظام ترقي مخالف قرار، ڊجيٽل دور ۾ بدمعاشي نٿي هلي سگهي: ساڃاهه وند

ڪراچي(رپو رٽ: محمد علي نقرچ+حفيظ ڦلپوٽو+صادق سومرو) ملڪ جي قانوندانن، صحافين ۽ ترقي پسندن ناظم جوکيو جي قرباني کي سرداري نظام خلاف بغاوت جي شروعات قرار ڏيندي چيو  آهي ته ملڪ جي آئين کي سيڪيولر ڪرڻ تائين مسئلا حل نه ٿيندا، خاڪي وردي وارن جي ڪري مسئلا آهن، هاڻي ڪنهن کي بدمعاشي ڪرڻ نه ڏني ويندي، اهڙو اظهار هنن ڪالهه ڪراچي پريس ڪلب ۾ ميڊيا ڪيئر فائونڊيشن طرفان عوامي آواز ميڊيا گروپ جي تعاون سان معاشري ۾ سرداري نظام جا منفي اثر ۽ ميڊيا جو ڪردار تي ڪوٺايل سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. صدارتي خطاب ڪندي پروفيسر توصيف احمد چيو ته پاڪستان ۾ جاگيرداري نظام ڇو آهي، هتي ته  بحث جي  به اجازت نه آهي، هن چيو ته  ملڪ جي آزادي تي عوام کي وڏيون اميدون هنيون پر  قائداعظم به طبقن کي برقرار رکيو، بنگلاديش ۾ جاگيرداري نظام ختم ڪيو ويو. هن چيو ته پاڪستان ۾ جاگيردارن ۽ سردارن کي وڌيڪ مضبوط ڪيو ويو، سردار ته ڪندا ئي ظلم آهن، جيڪڏهن انصاف ڪندا آهن ته اهو به پنهنجي مفادن وٽان ڪندا آهن، هن چيو ته سنڌ ۾ طاقتور حلقن ۽ سول سرڪار جاگيردار ن سهولتون ڏئي طاقتور بڻايو  آهي، وڏي وزير جي جرڳي نظام جي بحالي بابت بيان تي افسو س آهي، هن چيو ته سنڌ ۾ سنڌي سوسائٽي جاگيرداراڻي ۽ سرداري نظام خلاف مزاحمت ڪري ٿي، جيستائين ملڪ جو آئين سيڪيولر نه ڪيو ويندو مسئلا حل نه ٿيندا. شهيد ناظم جي ڀاءُ افضل جوکيو عوامي آواز  ۽ عوام  جو ٿورو  مڃيندي چيو ته هاڻي هو پنهنجي نسل کي سرداري نظام جا غلام بڻائڻ نه ٿا چاهين، پاڻ غلام رهياسين پر هاڻي ان مان بيزار ٿي چڪا آهيون، سرداري نظام کي ٿڏي ڇڏيو آهي، هن چيو ته مون سميت پورو خاندان ڏکارو آهي، سياسي ، سماجي ۽ مذهبي پارٽين، قانوندانن سميت عوام جا ٿورائتا آهيون، جيڪي ساٿ ڏئي رهيا آهن. قانوندان محمد خان شيخ چيو ته اهڙي سماج ۾ آهيون جنهن ۾ همت کان سواءِ اڳتي نه ٿا وڌي سگهون، وڪيل به سرداري نظام جو شڪار آهن، اهي اڳ ۾ ئي سرداري نظام خلاف بيٺل آهن، ڇاڪاڻ ته  سردار نه ٿا چاهين ته  معاشري ۾ تعليم اچي ۽ ڪو غريب جو ٻار تعيلم حاصل ڪري سندن سامهون آفيسر ٿي اچي. هن چيو ته ناظم سرداري نظام خلاف جان ڏئي  انقلاب جي شروعات ڪئي آهي، هاڻي هر ڪو سردارن خلاف ڳالهائي ٿو، ڪو به شخص قانون کان مٿانهون نه آهي، سردار کي ڪورٽ ۾ هٿڪڙي هڻائي، مظلوم سان گڏ آهيون، هن چيو ته ڌمڪيون مليون آهن ملنديون پرواهه نه آهي، پوليس ڪيس بگاڙڻ چاهي پئي، وارث بيهندا ته انصاف ڏياريندا سين. هن چيو ته سردار ٻاهر پڙهن ٿا پر هتي اچي عوام کي غلامي ڪرائين ٿا. ڪراچي ۾ سرداري نظام واري صورتحال هوندي ته ٻين علائقن ۾ ڇا هوندو، سرداري نظام خلاف بيهڻو پوندو. هن چيو ته ناظم جوکيو ڪيس ۾ دهشتگردي جا قلم لڳايا وڃن، سرداري نظام رهي يا نه رهي پرهاڻي ڪنهن کي بدمعاشي ڪرڻ نه ڏينداسين. روشن خيال  ۽ تعليمي ماهر ڊاڪٽر رياض شيخ چيو ته ترقي ۾ رڪاوٽ به سرداري نظام رهيو آهي. هن چيو ته  پاڪستان جي سياست  فيوڊل ازم ۽ بنگلاديش ۾ گراس روٽ تي سياست ٿئي ٿي اهو فرق آهي، ان ڪري بنگلاديش ۾ جاگيرداري نظام ختم ڪيو ويو آهي، هن چيو ته پاڪستان ۾ 85 جي چونڊ سياسي ڪلچر کي ختم ڪيو، هاڻي آرٽيفيشل سياست پئي ٿئي، ميڊيا تي پريشر به سرداري نظام کي ظاهر ڪري ٿو. عوام کي سرداري نظام خلاف اٿڻ گهرجي. عورت فائونڊيشن جي مهناز رحمان  چيو ته  زمين تي مرد مالڪي ڪئي ته عورت جا مسئلا شروع ٿيا، قائداعظم محمد علي جناح ڀيڻ فاطمه کي گڏ رکيو، پاڪستان ٺاهڻ وقت خبر نه هئي ته هي سردار وڌيڪ مضبوط ٿيندا. هن چيو ته ملڪ ۾ عورت، ٻار ۽ اقليت وڌيڪ متاثر آهن، سائنسي ترقي سان ئي عورت کي آزادي ۽ ترقي ملندي، پر افسوس ته صورتحال ابتڙ آهي، هن چيو ته ملڪ ۾ مسئلن جي جڙ طاقتور ڌريون آهن، ان طرف ڌيان ڏيڻ گهرجي.سينيئر  صحافي يونس مهر چيو ته  اهو به دور هو جڏهن سردار کي سر ڏيندڙ ڪوٺيو ويندو هو هو پنهنجي علائقي جي عوام جي تحفظ لاءِ سر ڏيڻ لاءِ به تيار هوندو هو، پر هاڻي سرداري دور ختم ٿي ويو آهي هاڻي ڊجيٽل دور آهي.هن چيو ته سورهيه بادشاهه جي جدوجهد ۾ مقامي سردار رڪاوٽ هئا، جيڪي انگريزن جا وانٺا هئا، انگريز ويا پر تبديلي نه آئي. هن چيو ته ملڪ قائداعظم جي نقش قدم تي هلڻ بدران سيڪيورٽي اسٽيٽ بڻيل آهي، مقامي سطح تي چونڊ نظام به سردارن وٽ جڪڙيل آهي، ملڪ ۾ سياسي استحڪام نه آيو آهي، عوام جي راءِ تي ڌاڙو هنيو ويو آهي، هن چيو ته عوام کي تعليم ۽ ٻيون سهولتون نه ٿيون ملن، ڪامورن جا ٻار ٻاهر پڙهڻ ٿا، غريبن جا ٻار ڪٿي پڙهن، هن چيو ته جنهن  ملڪ ۾ جج خريد ڪيا وڃن ته معاشرو ڪيئن ترقي ڪندو، ناظم جوکيو ڪيس مان پتو پيو ته هن سرينڊر نه ڪيو، سردار پنهنجي ٻچي کي تشدد ڪري ماريو، شهيد ناظم جي خاندان سان گڏ آهيون، سنڌي ميڊيا پاڻ نڀايو آهي،وڪيل گڏ آهن ان ڪيس کي مثالي بڻائينداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.