مهٽا پيلس کي گرلز ڪاليج بڻائڻ خلاف هڪ ٻي درخواست داخل

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ قصر فاطمه (مهٽا پيلس)کي گرلز ڪاليج ٺاهڻ خلاف هڪ ٻئي اپيل داخل ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ درخواستگذار موقف اختيار ڪيو آهي ته هي هڪ رهائشي عمارت آهي، ان ۾ ڪاليج  نٿو ٺاهي سگهجي، ميڊيڪل ڪاليج ٺاهڻ سان علائقو متاثر ٿيندو، مهٽا پيلس هڪ هيريٽيج بلڊنگ آهي ڪاليج ٺاهڻ سان ان جي حيثيت تبديل ٿي ويندي، عدالت رهواسين جي اپيل مهوٽا پيلس گيلري ٽرسٽ ۽ سنڌ حڪومت جي سان گڏ ڪري ڇڏي آهي جيڪا اڄ ٻڌي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.