ڪراچي ۾ ڊاڪٽرياڻي سان مبينا زيادتي، جوابدار گرفتار

ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي جي فريئر پوليس اسٽيشن جي حد ۾ ليڊي ڊاڪٽر سان مبينا زيادتي جو انڪشاف ٿيو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته ليڊي ڊاڪٽر سان زيادتي ڪرڻ جي الزام جو ڪيس داخل ڪري هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي، ايف آءِ آر موجب عورت کي 14 نومبر تي سندس دوست ياسر پنهنجي فليٽ ۾ وٺي ويو ۽ ساڻس زيادتي ڪئي، مزاحمت تي کيس تشدد جو نشانو بڻايو، سندس هٿ ۽ جسم تي زخم رسيا،  پوليس جو چوڻ آهي ته متاثر ليڊي ڊاڪٽر جي طبي معائني کانپوءِ صورتحال واضح ٿيندي، ٻئي طرف بن قاسم ٽائون ۾ به پوليس عورت سان زيادتي ڪرڻ جي الزام هيٺ هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري مٿس ڪيس داخل ڪري ورتو آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.