آيو ناهيان، آندو ويو آهيان! عامر لياقت جو جملو ٽاپ ٽرينڊ

اسلام آباد (م ڊ) تحريڪ انصاف جي ايم اين اي عامر لياقت حسين پارليامينٽ ۾ پهچڻ کان او چيو ته اسان آيا نه آندا ويا آهيون، پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس دوران تحريڪ انصاف کان ڪاوڙيل اڳواڻ عامر لياقت حسين به پهتو ته صحافي حيران ٿي ويا ۽ سندس گهيرو ڪري ويا، صحافين کانئس سوال ڪيو، توهان ته پي ٽي آءِ کان ڪاوڙيل آهيو، ڪيئن پهتا؟ جنهن تي عامر لياقت جواب ڏنو ته اسان آيا نه آندا ويا آهيون، عامر لياقت کان صحافي ٻيهر سوال ڪيو ته توهان کي ڪنهن آندو آهي؟ جنهن تي هن چيو ته جيڪي سدائين آڻيندا آهن، انهن ئي آندو آهي، ڏسندي ڏسندي عامر لياقت جو اهو جملو ٽوئيٽر تي ٽاپ ٽرينڊ ٿي ويو، هزارين صارفين هيش ٽئگ ”هم لائي گئي هين“ سان ٽوئيٽ ڪيو، ان کان اڳ ڪالهه صبح جو عامر لياقت ٽوئيٽ ڪيو ته جنهن ۾ ملاقات نه ڪرڻ تي وزيراعظم کان شڪايت ڪئي، هن لکيو ته وزيراعظم هر ميمبر سان ملاقات ڪئي آهي پر ڪراچي جي آئيڪون سان ملاقات ڪرڻ جو ٽس وقت ئي ناهي، جنهن اهم تڪ تان پنهنجي پراڻي ساٿي فاروق ستار کي هارايو. ان ٽوئيٽ جي جي ڪجهه ڪلاڪن بعد عامر لياقت جي شڪايت ٻڌي وئي، هن ايوان ۾ وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ڪئي، جنهن جي تصوير به ٽوئيٽ ڪئي. واضح رهي ته عمران خان ۽ پي ٽي آءِ جي پاليسين تي ناراض عامر لياقت ڪيترائي ڀيرا استعيفا ڏيڻ جو اعلان به ڪري چڪو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.