سڀاڻي چنڊ گرهڻ جزوي هوندو، پاڪستان ۾ نظر نه ايندو

ڪراچي(م ڊ) هن سال جو ٻيو چنڊ گرهڻ 19 نومبر تي ٿيندو، هن ڀيري چنڊ گرهڻ جزوي هوندو، موسميات کاتي موجب جزوي چنڊگرهڻ پاڪستان ۾ نه ڏٺو ويندو، چنڊ گرهڻ اتر ۽ ڏکڻ آمريڪا، آسٽريليا ۽ يورپ جي ٻين حصن ۾ ڏٺو ويندو، ايشيا کان علاوه اتر ۽ اولهه آفريڪا ۾ به چنڊ گرهڻ ڏٺو ويندو، موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته چنڊ گرهڻ پاڪستاني وقت موجب 11 لڳي 02 منٽن تي شروع ٿيندو ۽ جزوي گرهڻ رات 12 لڳي 19 منٽن تي ٿيندو، موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته جزوي چنڊ گرهڻ 3 لڳي 47 منٽن تي ختم ٿيندو ۽ پورو چنڊ 5 لڳي 4 منٽن تي ختم ٿيندو.

  • ”سنڌ فيسٽيول“ جي نالي تي ڪروڙن رپين جي ڪرپشن بابت ڪيس جي ٻڌڻي

ڪراچي (رپورٽر) احتساب عدالت ۾ سنڌ فيسٽيول جي نالي تي ڪروڙن رپين جي ڪرپشن ريفرنس ڪيس ۾ اڳوڻي ڊي جي ڪلچر منظور ڪناسري جي ضمانت بابت درخواست جي ٻڌڻي ٿي، عدالت ۾ نيب جي وڪيل چيو ته انڪوائري جاري آهي، انڪري وقت ڏنو وڃي، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي پهرين ڊسمبر تائين ملتوي ڪندي اڳڀرائي رپورٽ گهري ورتي آهي، ريفرنس ۾ هڪ جوابدار عشرت آفتاب سومرو 80 لک 84 هزار رپين جي پلي بارگين ڪري چڪو آهي.

  • ڪراچي بار جي عمارت جو بجلي بل  ساڍا 6 ڪروڙ ٿي ويو

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي عمارت جي بجلي بل ادا نه ڪرڻ واري تڪراري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، عدالت ڪراچي بار جي بجلي ڪنڪشن ڪاٽڻ بابت عارضي حڪم نامي ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي، ٻڌڻي دوران ڪراچي بار جي صدر نعيم قريشي سميت ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا، ڪي اليڪٽرڪ جي وڪيل چيو ته بل ساڍا 6 ڪروڙ رپين جو ٿي ويو آهي، بار جيڪڏهن رهتون ادا نه ٿي ڪري ته گهٽ ۾ گهٽ موجود بل ته ادا ڪري، عدالت ڪراچي بار کي هدايت ڪئي ته سمورن بار ايسوسيئيشن جو رڪارڊ پيش ڪيو وڃي، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 9 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

  • گوادر ۾ مڇي جي غيرقانوني شڪار خلاف سوين مهاڻن جو ڌرڻو

گوادر (م ڊ) گوادر ۾ مڇي جي غيرقانوني شڪار ۽ سرحدي واپار ۾ رڪاوٽون وجهڻ خلاف سوين مهاڻا گذريل ٽن ڏينهن کان روڊن تي آهن،  گوادر ۾ ڌرڻو جاري آهي، سندن مطالبو آهي ته بلوچستان جي سامونڊي حدن ۾ ٽرالرن ذريعي مڇي جو غيرقانوني شڪار روڪيو وڃي، ايران مان شيون گهرائڻ ۾ رڪاوٽون ختم ڪيو وڃي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ سيڪيورٽي فورسز جون چيڪ پوسٽون ختم ڪيون وڃن، گوادر کي حق ڏيو تحريڪ پاران هنيل ڌرڻي ۾ شامل ماڻهن جو چوڻ آهي ته ٻاهران آيل ٽرالرن ذريعي غيرقانوني شڪار سببب مهاڻن جو  روزگار متاثر ٿيو آهي، هاڻي دڪاندار اوڌر تي به سامان ڏيڻ لاءِ تيار ناهن، جڏهن ته ايران سان واپار بند ٿيڻ ڪري پورو مڪران سخت متاثر ٿيو  آهي. احتجاج ڪندڙن جو چوڻ آهي ته جيڪي چون ٿا گوادر دبئي ۽ سنگاپور بڻجي ويو آهي، اهي گوادر اچي ڏسن ته ڪهڙي حالت آهي؟.

  • اي ايس آءِ محمد بخش ٻرڙو کي 10 لک رپين جو انعام ملي ويو

ڪراچي (رپورٽر)  اي ايس آءِ محمد بخش ٻرڙي کي سٺي ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي سنڌ پوليس پاران انعام طور 10 لک رپين جو چيڪ ڏنو ويو، ان حوالي سان سينٽرل پوليس آفيس ڪراچي ۾ ھڪ سادي تقريب ٿي، جنهن دوران آءِ جي سنڌ مشتاق احمد مھر، ڊي آءِ جي ھيڊ ڪوارٽرز سنڌ ۽ ڊائريڪٽر ليگل به پڻ موجود ھو. .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.