عمران خان کي 20 نومبر کان اڳ استعيفيٰ ڏيڻ جو پيغام ملي ويو: تجزئي نگار

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف کي وطن ورڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي ۽ وزيراعظم  عمران خان کي ٻه  آپشن ڏئي ڇڏيا آهن ته هو 20 نومبر کان اڳ استعفيٰ ڏئي ٻي صورت ۾ مخالف ڌر کيس بي اعتمادي رٿ ذريعي گهر ڀيڙو ڪندي نامياري صحافي ظفر نقوي سي اين اين نيوز 18۾ شايع ٿيل رپورٽ پڙهندي ٻڌايو ته ايندڙ وقتي وزيراعظم لاءِ ٻه نالا اسٽيبلشمنٽ وٽ غير هيٺ آهن، هڪ پرويز خٽڪ ۽ ٻيو شهباز شريف جو نالو غور هيٺ آهي، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جسٽس راڻا شميم جو حلفي بيان به ڪنٽرول ٽاور جي آشيرواد  سان آيو آهي، ڇو ته ڪنٽرول ٽاور کي عمران خان لاءِ مشڪلاتون وڌائڻيون آهن. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ايندڙ هفتي اتحادي به حڪومت کان الڳ ٿي ويندا. نواز شريف کي اسٽيبلشمينٽ پيغام  ۾ چيو آهي ته اوهان ملڪ جي ضرورت آهيو، ان ڪري جلد پاڪستان اچو، رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته  نواز شريف  جي آجيان لاءِ اسٽيبلشمينٽ ڳاڙهو  گلم وڇائي ڇڏيو آهي، ان ڪري هاڻي عمران خان انتهائي مشڪلاتن جو شڪار ٿي رهيو آهي، ظفر نقوي جو چوڻ آهي ته اهڙي ڳالهه اڳوڻي صدر آصف علي زرداري به  ڪئي آهي ته عمران خان  جي حڪومت مدو پورو  ڪندي ڇو ته  کيس آڻڻ وارا به اعتراف ڪري رهيا آهن ته کانئن غلطي ٿي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.