شهيد ناظم جوکيو قتل ڪيس جي جاچ ٽيم تبديل، تنوير عالم اوڍو جي سربراهي ۾ نئين جي آءِ ٽي

ملير (ڊ ر) مقتول ناظم جوکيو جي وارثن ۽ وڪيلن پاران قتل ڪيس جي جڙيل جاچ ڪميٽي تي بد اعتمادي ظاهر ڪرڻ بعد مقتول ناظم جوکيو جي ڀاءُ افضل جوکيو ۽ وڪيلن پاران گهرو سيڪريٽري ۽ سي سي پي او ڪراچي کي ڏنل درخواست تي ايڊيشنل انسپيڪٽر جرنل آف پوليس ڪراچي جي حڪم تي نئين جي آءِ ٽي قائم ڪئي وئي آهي، جي آءِ ٽي ۾ اي آءِ جي تنوير عالم اوڍو، ڊي ايس پي غلام علي جماڻي، انسپيڪٽر سراج لاشاري تي مشتمل نئين جي آءِ ٽي جوڙي وئي آهي، جيڪا ڪيس جي نئين سر جاچ ڪندي، فريادي افضل جوکيو جي وڪيل مظهر جوڻيجو جو چوڻ آهي ته پهرين واري جي آءِ ٽي تي مقتول ناظم جوکيو جي ڀاءُ افضل جوکيو ۽ اسان وڪيلن کي شروع ڏينهن کان عدم اعتماد هو، اسان جي درخواست تي هي نئين جي آءِ ٽي جڙي آهي جنهن ۾ سنڌ جا ايماندار پوليس آفيسر شامل ڪيا ويا آهن، اسان کي اميد آهي ته هاڻي مقتول ناظم جوکيو جي قتل ڪيس جي اڻ ڌري جاچ ڪري وارثن کي انصاف ڏنو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.