راڻا شميم جي انڪشاف بعد پهريون نوٽيس ثاقب نثار کي ملڻ گهرجي: مريم نواز

اسلام آباد( م ڊ) مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته راڻا شميم جي انڪشاف کان پوءِ پهريون نوٽيس ثاقب نثار کي ملڻ گهرجي ها. ميڊيا سان ڳالهه ٻول ڪندي مريم نواز چيو ته  نواز شريف جي حق ۾ عدليه اندران ٽين وڏي شاهدي سامهون آئي آهي. مريم چيو ته کيس يقين هو ته ظالم پڪڙ ۾ ايندو، پر ايترو جلد پڪڙ ۾ ايندو، اهو اندازو ئي نه هو.  هن چيو ته  ڪوڙو فرار ٿي ويو. ايوان ۾ ٿيل قانونسازي جو مثال نه ٿو ملي، سڀ ڪجهه جادو ٽوڻي سان ٿئي پيو، هن چيو ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ کان اڳ 22 ڪروڙ عوام جو سوچيو وڃي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.