”سرداري نظام نامنظور“ نئين دمبالي ۾ ريلي

نئون دمبالو ( رپورٽ: ھورسنگھ ڪي ڪي ) عوامي آواز ميڊيا گروپ جي نعري سرداري نظام کان ڇوٽڪاري کي نئون دمبالو ۾ موٽ،  ڳوٺ امام بخش ڀرڳڙي ۾ عوامي تحريڪ  ۽ سياسي سماجي ڪارڪنن۽ صحافين ريلي ڪڍي، سرداري نظام  خلاف نعريبازي ڪئي وئي، اڳواڻ اي ڪي احمداڻي، صحافي نور حسن لاشاري، امام بخش ڀرڳڙي، لالجي ڪولهي، هارون ڀرڳڙي  ۽ ٻين چيو ته اسان سرداري نظام جي مخالفت اڄ نه پري سالن کان ڪندا پيا اچون سردارن سنڌ جي نارين سنڌ جي نوجوانن سميت ڪيترن بي ڏوهين کي قتل ڪيو آهي، هنن چيو ته  سموري سنڌ جا غيرت مند پٽ عوامي آواز ميڊيا گروپ کي خراج تحسين پيش ڪن ٿا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.