بدين ۾ سرداري نظام خلاف ريلي، نعريبازي

بدين(رپورٽ: رازقڏنوکوسو) عوامي آواز ميڊيا گروپ جي نعرو سرداري نظام کان ڇوٽڪاري کي بدين ۾ ڀرپور موٽ, پريس ڪلب بدين ۽ ايوان صحافت بدين تائين سياسي سماجي ۽ صحافين جي عوامي آواز ميڊيا گروپ جي نعري وارو بينر کڻي سرداري نظام خلاف زور ڌار نعري بازي ڪئي ان ريلي ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ شاھنواز سيال،  سينئر صحافي لالا ھارون گوپانگ، سينئر صحافي عبدالمجيد ملاح ، اسحاق شيخ ، ڪاشي قمبراڻي، غلام قادر مرداڻي، رستم چانڊيو ، ارشاد نھڙيو. نياز سيال ممتاز منگي ۽ ٻين شرڪت ڪئي، اڳواڻن چيو ته اسان سرداري نظام جي مخالفت اڄ نه پري سالن کان ڪندا پيا اچون سردارن ڪيترن ئي مائرن جون جهوليون خالي ڪيون آھن ،هنن چيو ته ام رباب سرداري نظام کي للڪاريو، ناظم جوکئي جي شهادت تي سرداري نظام وائکو ٿيو، سرداري نظام جون پاڙون پٽجڻ شروع ٿي ويون آھن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.