2 کنڀيل شاگرد آزاد نه ٿيا، بلوچستان يونيورسٽي بند

ڪوئيٽا(م ڊ) بلوچستان يونيورسٽي جي ٻن کنڀيل شاگردن جو پتو نه پيو، شاگردن هڪ ڀيرو ٻيهر يونيورسٽي بند ڪرائي ڇڏي، گذريل ڏينهن مذاڪراتي ڪميٽي سان ڳالهيون ناڪام ٿيڻ کانپوءِ شاگردن ٻيهر ڌرڻي جو اعلان ڪيو هو، ڌرڻي سبب ايل ايل بي ۽ ايم بي بي ايس جا امتحان ملتوي ڪيا ويا، شاگرد ٻن نوجوانن جي جبري گمشدگي خلاف هڪ هفتي کان سراپا احتجاج آهن، شاگردن جو چوڻ آهي ته ٻن شاگردن جي کنڀجڻ ۾ يونيورسٽي انتظاميا ملوث آهي، سندن آزادي تائين ڌرڻو جاري رهندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.