شهدادڪوٽ ۾ شاگردياڻين سان اعتراض جوڳين حرڪتن خلاف احتجاج

شھدادڪوٽ ( ڊر ) شھدادڪوٽ جي ھڪ سرڪاري پرائمري اسڪول ۾  شاگردياڻين سان ھڪ استاد پاران مبينا طور تي فحش حرڪتون ڪرڻ واري معاملي خلاف شھر جي سياسي، سماجي ۽ مذھبي تنظيمن تي جوڙيل ” تعليم بچايو جدوجهد ڪميٽي“ پاران اعلانيل ٻن ڏينهن واري احتجاجي تحريڪ جي جي سڏ تي ڪالھ پھرين ڏينهن تي شھر جي مختلف مڪتب فڪر جي ماڻهن احتجاجي مظاهرو ڪري ڪوٽو موٽو چوڪ تي ڌرڻو هنيو،۽ بعد ۾ علامتي بک ھڙتال پڻ ڪئي، ان موقعي تي ڌرڻي کي خطاب ڪندي ايس ٽي پي اڳواڻ ڪامريڊ حيات تونيو، شھري اتحاد اڳواڻ ڪامريڊ حبدار ميرجت،پ پ شھيد ڀٽو اڳواڻ منير بروھي،ايس يو پي اڳواڻ حاڪم مستوئي، پيربخش ڀٽي، ايس ٽي پي اڳواڻ شبير مگسي،امداد سومرو ۽ ٻين چيو ته پيغمبري پيشي سان سلھاڙيل استاد کي اسڪول اندر نياڻين سان فحش حرڪتون ڪرڻ جڳائي نه پيو سندس اھڙي ڪريل حرڪت تي کيس سزا ڏني وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.