پپري ۾ راشن ڏيڻ بهاني عورت سان لڄالٽ

ملير (ڊ ر) پپري جي علائقي شاهه ٽائون اٺن ٻارن جي ماءُ عورت انيلا جٽ سان راشن ڏيڻ جي بهاني مبينا جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻايو ويو آهي، اٺن ٻارن جي ماءُ انيلا جٽ 15 پوليس کي فون ڪري زيادتي جو اطلاع ڏنو جنهن بعد بن قاسم پوليس متاثر عورت جي فرياد تي شاهه ٽائون جي رهواسي پرويز شوڪت جٽ کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس انيلا جي فرياد تي جوابدار خلاف جنسي ڏاڍائي جو ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جاچ پوليس پاران متاثر عورت انيلا جٽ کي ميڊيڪل لاءِ اسپتال روانو ڪيو ويو آهي، عورت انيلا صحافين کي روئيندي ٻڌايو ته مان شادي شده آهيان مونکي 8 معصوم ٻار آهن گهر ۾ راشن نه هو ڪنهن ماڻهو مونکي پرويز جٽ جو فون نمبر ڏنو ته هي راشن خيرات ڪندو آهي مان هن کي فون ڪئي هن مونکي راشن ڏيڻ جي بهاني پنهنجي گهر تي گهرايو اتي هن مونکي زبردستي زيادتي جو نشانو بڻايو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.