ڀارت پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ نيوزيلينڊ کي 5 وڪيٽن تان هارائي ڇڏيو

جئي پور (ويب ڊيسڪ) ڀارت پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ نيوزيلينڊ کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي 3 ميچن جي سيريز ۾ 0-1 جي سرسي حاصل ڪري ورتي.

جئي پور ۾ کيڏيل ميچ ۾ ڀارت ٽاس کٽڻ کانپوءِ اڳ ۾ نيوزيلينڊ کي بيٽنگ جي دعوت ڏني ۽ دعوت ملڻ تي پهريان کيڏندي ڪيويز مقرر اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 164 رنسون ٺاهيون.

نيوزيلينڊ طرفان مارٽن گپٽل 70 ۽ مارڪ چيپمين 63 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، ڀارت جي ڀونيشور ۽ ايشون 2-2، جڏهن ته ديپڪ چاهر ۽ محمد سراج هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.

جواب ۾ ڀارت دلچسپ مقابلي کانپوءِ 2 بال اڳ ۾ هدف پورو ڪري ميچ ۾ 5 وڪيٽن تان ڪاميابي ماڻي ورتي.

سوريا ڪمار ياديو 62، ڪپتان روهت شرما 48 رنسن جي بهترين اننگز کيڏي ٽيم جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.