”مضبوطيءَ سان نڪتا آهيون، اقتدار ڇڏڻ ۾ ئي حڪمرانن جي ڀلائي آهي“

 

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته 10 سالن کان چئي رهيو آهيان عمران خان پاڪستان جي سياست جو غير ضروري عنصر آهي.

ڪوئيٽا ۾ پي ڊي ايم تحت مهانگائي خلاف جلسي سان خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته عمران خان نالائق ۽ نااهل آهي، جنهن 50 لک گهر ڏيڻ بدران عوام کي بي گهر ڪري ڇڏيو، اسٽيٽ بئنڪ گورنر کانسواءِ ڪير به نوڪري لاءِ پاڪستان نه آيو، اسان جي عدليا تي سوال اٿاريا پيا وڃن.

هن چيو ته ڌانڌلي سان آيل حڪومت هاڻ قانون سازي ۽ سڌارن جي ڳالهه ڪري رهي آهي، اهڙي قانون سازي جي مخالفت ڪنداسين، ملڪ ۾ آئيني ۽ جمهوري حڪمراني هجڻ گهرجي، حڪومت خلاف جدوجهد جاري رکنداسين.

سندس چوڻ هو ته اسان ڪالهه به غلامي جي خلاف هئاسين ۽ اڄ به آهيون، وڏي مضبوطي سان ميدان ۾ نڪتا آهيون، قوم کي مايوس نه ڪنداسين، اقتدار ڇڏي وڃڻ ۾ ئي حڪمرانن جي ڀلائي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.