طالبان جو آمريڪا کان افغانستان جي منجمد اثاثن تائين پهچ جو مطالبو

 

ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغانستان ۾ طالبان جي حڪومت آمريڪا کان مطالبو ڪيو آهي ته افغان مرڪزي بئنڪ کي آمريڪا ۾ ان جي منجمد اثاثن تائين جلد کان جلد ٻيهر پهچ ڏني وڃي.

افغانستان جي نگران پرڏيهي وزير امير خان متقي آمريڪي ڪانگريس کي لکيل هڪ کليل خط ۾ چيو آهي ته افغانستان جا اثاثا منجمد رکڻ سان مسئلا حل نه ٿيندا ۽ نه ائين ڪرڻ آمريڪي عوام جو مطالبو آهي.

متقي افغانستان جي موجوده صورتحال جي روشني ۾ خطي ۾ وڏي پئماني تي لڏپلاڻ ۽ ملڪ ۾ تعليم ۽ صحت جي شعبن تي انتهائي ناڪاري اثرن کان به خبردار ڪيو.

واضح رهي ته آگسٽ ۾ طالبان جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ آمريڪا افغانستان کي ڏني ويندڙ امداد معطل ڪرڻ جي فيصلي سان گڏوگڏ افغان مرڪزي بئنڪ جا سمورا اثاثا به منجمد ڪري ڇڏيا هئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.