ڇا اوهان وٽ ثبوت آهي ته مريم ايون فيلڊ جي بينيفيشل اونر آهي: عدالت جو نيب کان سوال

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ايون فيلڊ ريفرنس ۾ سزا جي خلاف اپيلن تي ٻڌڻي دوران نيب پراسيڪيوٽر کان سوال ڪيو ته اوهان وٽ ڪيس ثابت ڪرڻ لاءِ ڪهڙو ثبوت آهي؟

جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني تي ٻڌل بينچ ايون فيلڊ ريفرنس ۾ مريم نواز ۽ ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر جي سزا خلاف اپيلن، نئين حقيقتن جي روشني ۾ سزا ختم ڪرڻ متفرق درخواست ۽ نيب طرفان ضمانت رد ڪرڻ جي درخواستن کي گڏ ڪري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران عدالت پڇاڻو ڪيو ته اوهان وٽ ڪهڙا دستاويز آهن ته مريم نواز ايون فيلڊ اپارٽمينٽس جي بينيفيشل اونر آهي؟ اوهان وٽ ڪيس ثابت ڪرڻ لاءِ ڪهڙو ثبوت آهي؟

عدالت جو چوڻ هو ته 2021ع جو ليٽر آهي ۽ ٽرائل 2018ع ٿيو، ٽرائل دوران پراڻي ليٽر تي ڪيئن ڀاڙيون؟ ٿي سگھي ٿو ته ان دوران اونر شپ تبديل ٿي وئي هجي.

نيب پراسيڪيوٽر چيو ته فليٽس خريد جو سورس پڇيو ويو جيڪو ناهي ٻڌايو ويو، عدالت چيو ته پهريان اوهان کيس مالڪ ثابت ڪندئو ته اها ذريعا ٻڌائيندي، اوهان کي ملڪيت جو اهو ثبوت ڏيکارڻو پوندو جيڪو ٽرائل ڪورٽ ۾ پيش ڪيو، ڪنهن کي ٽرائل ۾ عوامي تاثر تي ذميواري چئي سزا نٿا ڏئي سگھون.

عدالت پڇاڻو ڪيو ته 1980ع ۾ مريم نواز جي عمر ڇا هئي؟ وڪيل ٻڌايو ته ان وقت مريم نواز جي عمر 7 سال هئي.

نيب پراسيڪيوٽر چيو ته 1993ع جو معاملو آحي، 1980ع جو نه، عدالت چيو ته اسان کي سڀ ڪجهه قانون ۽ شاهدين موجب ڏسڻو آهي.

نيب پراسيڪيوٽر عثمان چيما دليلن ۾ چيو ته اسان عدالت جي مدد لاءِ ڪجهه نوٽيس تيار ڪيا آهن، ان نوٽيس ذريعي عدالت کي رڪارڊ جو جائزو وٺڻ ۾ سولائي ٿيندي، ان جي هڪ ڪاپي عرفان قادر کي به ڏئي ڇڏيو ته جيئن هن کي به ڏسڻ ۾ سولائي ٿئي.

ان کان پوءِ عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 24 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.