افغانستان ۾ آفيم جي وڌندڙ پيداوار تي گڏيل قومن کي ڳڻتي

 

ويانا (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن افغانستان ۾ آفيم جي وڌندڙ پيداوار تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو آهي.

گڏيل قومن موجب افغانستان ۾ آفيم جي پيداوار ۽ هيروئن جي تياري لاءِ استعمال ٿيندڙ ڪچي مال جي اگهن ۾ واڌ ٿي آهي.

هن سال جولاءِ ۾ ختم ٿيندڙ پيداواري سيزن ۾ حاصل ٿيندڙ فصل جو ڪاٿو 6 هزار 8 سئو ٽن رهيو، جيڪو هڪ سال اڳ جي ڀيٽ ۾ 8 سيڪڙو وڌيڪ آهي.

ويانا ۾ قائم گڏيل قومن جي منشيات ۽ ڏوهن خلاف جنگ جي اداري جي هڪ رپورٽ موجب آفيم جي غير قانوني عالمي منڊي ۾ هاڻ به سڀ کان وڏو حصو افغانستان جو ئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.