اي وي ايم کي ”شيطاني خواهشن جي مشين“ قرار ڏيڻ تي شاهه محمود ڪهڙو ردعمل ڏنو؟

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ڌانڌلي لاءِ نه پر ”ايول ڊيزائرز“ کي دفن ڪرڻ لاءِ آندي پئي وڃي.

پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ شاهه محمود قريشي مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف طرفان اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين کي ”شيطاني خواهشن جي مشين“ قرار ڏيڻ تي ردعمل ۾ چيو ته اسان نه تڙ تڪڙ ۾ ڪو قانون پاس ڪري رهيا آهيون ۽ نه ڪنهن قسم جو ڪارو قانون مڙهيو پيو وڃي.

سندس چوڻ هو ته ان معاملي تي اپوزيشن کي ڪيترائي ڀيرا چيو ته اچو مشين ڏنو، اسان توهان کي ان جو ڊيمو ڪرائينداسين، توهان کي بريفنگ ڏينداسين ۽ ان جو مقصد اهو آهي ته ملڪ ۾ ٿيندڙ چونڊن تي ڪير سوال نه اٿاري.

هن چيو ته شهباز شريف اي وي ايم کي ايول وشز مشين قرار ڏنو، جيڪو ان جو حق آهي پر مان وضاصحت ڪرڻ چاهيان ٿو ته اها ايول ڊيزائرز کي دفن ڪرڻ لاءِ آندي پئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.