راڻا شميم جو حلفي بيان: اعتزاز احسن وڏا سوال اٿاري ڇڏيا

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) سينيئر سياستدان ۽ وڪيل بئريسٽر اعتزاز احسن گلگت بلتستان جي اڳوڻي چيف جج راڻا شميم جي حلفي بيان کي شڪي قرار ڏئي ڇڏيو.

لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي پ پ اڳواڻ اعتزاز احسن چيو ته راڻا شميم جو حلفي بيان ظاهري طور بوگس آهي، اهو حلفي بيان ڪيلبري فونٽ ۽ قطري خط جهڙو آهي، ڪو چيف جسٽس سرعام اهڙيون هدايتون نٿو ڏئي سگهي.

هن چيو ته جسٽس عمر فاروق صاحب نواز شريف ۽ مريم نواز جي اپيلن تي ٻڌڻي ڪندڙ بئنچ ۾ شامل نه هو ۽ ان وقت ملڪ ۾ به نه هو.

سندس چوڻ هو ان ۾ ڪو شڪ نه هجڻ گهرجي ته راڻا شميم جي حلفي بيان پويان ڪير آهي، راڻا شميم جو ڀاءُ 6 تاريخ تي فوت ٿيو ۽ هو 8 تاريخ تي لنڊن ۾ حلفي بيان تيار ڪري رهيو هو، سڀني کي خبر آهي ته لنڊن نواز شريف جو گهر آهي، نواز شريف اڄ تائين پنهنجي مني ٽريل ته نه ڏئي سگهيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.