پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ بحريني پارليامينٽ ميمبرن جي شرڪت

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ بحرين جي پارليامينٽ جي وفد به شرڪت ڪئي ۽ ايوان جي ڪارروائي ڏٺي.

بحريني پارليامينٽ جي ميمبرن جي وفد بحرين جي اسپيڪر جي اڳواڻي ۾ پارليامينٽ هائوس پهتي، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر پارليامينٽ هائوس اچڻ تي بحريني وفد جي آجيان ڪئي.

ان کان پوءِ ايوان ۾ اچڻ تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر معزز مهمانن کي ڀليڪار چيو جڏهن ته اپوزيشن ليڊر شهباز شريف عربي ۾ سندن آجيان ڪئي، بحريني پارليامينٽ جي ميمبرن مهمان گيلري ۾ ويهي گڏيل اجلاس جي ڪارروائي به ڏٺي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.