اسان آيا نه آندا ويا آهيون: عامر لياقت

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف ايم اين اي عامر لياقت حسين چيو آهي ته اسان آيا نه آندا ويا آهيون.

قومي اسيمبلي ۾ حڪومتي بلن جي منظوري لاءِ پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس ٿيو، جنهن ۾ شرڪت لاءِ حڪومتي توڙي اپوزيشن ميمبر پهتا.

ان موقعي تي تحريڪ انصاف سان ڪاوڙيل اڳواڻ عامر لياقت حسين به پهتو ته صحافي کانئس سوال ڪيو توهان ته پي ٽي آءِ سان ڪاوڙيل آهيو، جنهن تي هن جواب ڏنو ته اسان آيا نه آندا ويا آهيون.

عامر لياقت کان صحافي ٻيهر سوال ڪيو ته توهان ڪيئن آيا آهيو؟ جنهن تي هن چيو ته جيڪي سدائين آڻيندا آهن، انهن ئي آندو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.