شهباز شريف اي وي ايم کي ”ايول وشز مشين“ قرار ڏئي ڇڏيو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين کي ”ايول وشز مشين“ قرار ڏئي ڇڏيو.

پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ تقرير ڪندي شهباز شريف چيو ته گذريل ڀيري به رات 10 وڳي گڏيل اجلاس گهرائڻ جو اعلان ڪيو ويو، اهو اجلاس ملتوي ڪيو ويو، اسپيڪر صاحب! مون کي توهان جو خط وصول ٿيو، اسان ڌيان سان توهان جي خط تي غور ڪيو ۽ ان جو مڪمل جواب توهان کي ڏنو.

هن چيو اپوزيشن ميمبرن کي داد ڏيان ٿو ته حڪومتي دٻاءَ ۾ نه آيا، حڪومت ۽ اتحادي بلن کي بلڊوز ڪرڻ چاهين ٿا، حڪومت جا اتحادي انڪاري هئا ته اجلاس ملتوي ڪيو ويو.

سندس چوڻ هو ته 2018 جي چونڊن ۾ آر ٽي ايس خراب ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ڌانڌلي سٽيل حڪومت وجود ۾ آئي، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جو مطلب آهي ايول وشز مشين، ان کي ڌانڌلي مشين بڻايو ويو آهي، سليڪٽڊ حڪومت پنهنجي مدي کي ڊيگهه ڏيڻ چاهي ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.