ميرپورخاص: ڊويزنل ڪمشنر ميرپورخاص پاران خسري ۽ روبيلا مهم جو افتتاح

ڊويزنل ڪمشنر ميرپورخاص پاران خسري ۽ روبيلا جو افتتاح ڪيو ويو.

ڊويزنل ڪمشنر ميرپورخاص سيد اعجاز علي شاهه پاران سينٽ ٽريزا آمريڪن اسپتال ۾ 9 مهينن کان 15 سالن تائين جي ٻارن لاءِ خسرو ۽ روبيلا مهم جو افتتاح ڪيو.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊويزنل ڪمشنر ميرپورخاص، ڪمشنر، ڊاڪٽر مشتاق شاهه لڪياري ۽ ٻين چيو ته ٻار اسان جي مستقبل جا معمار آهن انهن جي بهتر صحت لاءِ اسان کي هر سطح تي قدم کڻڻ گهرجن، صحت کاتي پاران مقرر فڪس مرڪزن ۽ صحت مرڪزن تان به ويڪسينيشن ڪرائي سگهجي ٿي.

هن چيو ته بيمارين کان بچاءُ ۽ بهتر صحت جا ٻه طريقا آهن  هڪ دوا ۽ ٻيو احتياطي تدبيرون اسان کي سڀ کان پهريان احتياطي اپاءَ وٺڻ گهرجن، والدين ٻارن کي حفاظتي ٽڪا ضرور لڳرائن. هن مهم دوران ميرپورخاص ضلعي جي 6 لک 45 هزار ٻارن کي خسره ۽ روبيلا کان بچاءُ جا ڦڙا پيارڻ جو هدف  آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.