قاضي احمد: ڳوٺاڻن جو زمين تي قبضي خلاف احتجاج

قاضي احمد ۾ ڳوٺاڻن پاران زمين تي بااثرن جي قبضي خلاف احتجاج ڪيو ويو.

قاضي احمد ڀرسا ڳوٺ جمعو خان جمالي جي رهواسين اڪرم ۽ الهورايو جمالي ڄامشورو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪرڻ بعد صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته قاضي احمد تعلقي جي ديهه آباد ماکنڊ ۾ اسان جي 28 ايڪڙ زمين آهي جنهن تي بااثرن ممتاز، وليو جمالي، مراد، ۽ ٻين زبردستي قبضو ڪري زمين تي هٿياربند ويهاري ڇڏيا آهن.

هنن چيو ته  الزام هڻندي چيو ته احتجاج ڪرڻ تي جوابدارن حد جي ايس ايڇ او سان گڏجي گهرن تي حملو ڪري عورتن ۽ ٻارڙن کي تشدد جو نشانو بڻائي  اسان جا 12 گهر ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا ۽ گهرن ۾ پيل ڪڻڪ، مينهون ۽ ٻڪريون ڪاهي ويا آهن.

هنن چيو ته ڪو به دانهن نٿو ٻڌي اعليٰ اختيارين کي اپيل آهي ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.