گهرواري کي تڪليف پهچائڻ لاءِ اولاد تي تشدد ڪندڙ بي رحم پيءُ گرفتار

ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ)ڪوئيٽا جي علائقي نوان ڪلي ۾ ڪاروائي کانپوءِ پنهنجي ئي ٻارن تي سخت تشدد ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو.

پوليس موجب جوابدار ابراهيم جي گهر ۾ پنهنجي ٽن ٻارڙن تي تشدد جي وڊيو وائرل ٿي رهي آهي جنهن کانپوءِ پوليس طرفان موقعي تي ئي ڪاروائي ڪئي وئي.

پوليس معاملي جا تفصيل ٻڌائيندي چيو ته جوابدار پسند جي ٻئي شادي ڪئي ته پهرين گهرواري گهر ڇڏي هلي وئي، جوابدار پهرين گهرواري کي ذهني اذيت ڏيڻ جي لاءِ پنهنجي ئي ٻارن تي تشدد ڪيو.

پوليس موجب جوابدار ماءُ پيءُ کي پَکي سان ابتو ٽنگي تشدد ڪندو هو ۽ ٻن معصوم ڌيئرن تي به تشدد ڪندو هو کانپوءِ وڊيو ٺاهي پهرين گهرواري کي موڪليندو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.