موٽورولا جو نئون ”موٽوجي پاور“ فون متعارف  

موٽورولا موٽو جي سيريز جو پهريان کان بهتر پاور ماڊل متعارف ڪرائي ڇڏيو.

موٽو جي پاور (2022) ۾ 6.5 انچن جي ڊسپلي 720 پي ريزولوشن ۽ 90 هرٽز ريفريش ريٽ سان گڏ ڏني وئي آهي.

فون جي هڪ خاص ڳالهه ان جي 5000 ايم اي ايڇ بيٽري آهي جنهن بابت موٽورولا جي دعويٰ آهي ته ان کي 3 ڏينهن تائين لاڳيتو استعمال ڪري سگھجي ٿو.

بيٽري سان گڏ 10 واٽ فاسٽ چارجنگ سپورٽ ڏني وئي آهي جڏهن ته اينڊرائيڊ 11 آپريٽنگ سسٽم فون جو حصو آهي.

فون جي اندر ميڊيا ٽيڪ جو اوڪٽا ڪور هيليو جي 37 پراسيسر موجود آهي.

موٽو جي پاور ۾ 4 جي بي ريم جڏهن ته 64 کان 128 جي بي اسٽوريج جا آپشن ڏنا ويا آهن، جنهن ۾ مائڪرو ايس ڊي سلاٽ سان 512 جي بي تائين واڌ ڪري سگھجي ٿي.

آءِ پي 52 واٽر پروفنگ ۽ فنگر پرنٽ سينسر ۽ ٻيا نمايان فيچر ان فون جو حصو آهن.

ڪمپني موجب بيڪ ڪيمرا سيٽ اپ کي بهتر بڻايو ويو آهي.

فوٹو بشکریہ موٹرولا

موٽو جي پاور ۾ 50 ميگا پڪسل جي مين ڪيمرا ڏني وئي آهي جنهن بابت ڪمپني جي دعويٰ آهي ته اها گھٽ روشني ۾ نمايان حد تائين بهتر ڪاڪردگي جو مظاهرو ڪري ٿي.

ان سان گڏ 2 ميگا پڪسل ميڪرو ۽ 2 ميگا پڪسل ڊيپٿ ڪيمرا ڊوائيس جو حصو آهن جڏهن ته فرنٽ تي 8 ميگا پڪسل سيلفي ڪيمرا ڏني وئي آهي.

موٽورولا جي ڊوئل ڪيپچر فيچر فرنٽ ۽ بيڪ ڪيمرائن سان وڊيو رڪارڊ ڪري سگھجي ٿي.

اها فون ڪجهه هفتن ۾ واهپيدارن کي دستيابگ هوندي جنهن جي 64 جي بي اسٽوريج واري ماڊل جي قيمت  200 ڊالر (35 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ رکي وئي آهي) جڏهن ته 128 جي بي اسٽوريج وارو ورجن 250 ڊالرن (43 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) ۾ وڪرو ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.