دنيا جو پهريون 18 جي بي سان ليس سمارٽ فون متعارف

دنيا جو پهريون 16 جي ريم سان ليس سمارٽ فون 2020ع جي شروعات ۾ متعارف ڪرايو ويو هو.

هاڻ زي ٽي اي ڪمپني پنهنجي موجوده فليگ شپ فون ايڪسون 30 الٽرا جو اسپيشل ايرو اسپيس ايڊيشن پيش ڪيو آهي جنهن کي هن دنيا جو پهريون 18 جي بي ريم سان ليس فون قرار ڏنو آهي.

اهو 18 جي بي سان ليس سمارٽ فون آهي جنهن ۾ هڪ ٽي بي اسٽوريج ڏني وئي آهي ۽ ورچوئل ريم جي ڪري اهو گڏيل طور تي 20 جي بي ريم جي سهولت فراهم ڪري ٿو.

ان نئين فون کي پيش ڪرڻ جو مقصد چين جي اسپيس ايجنسي جي مختلف ڪاميابين کي ڀيٽا پيش ڪرڻ آهي.

ريم ۽ اسٽوريج کان هٽي ڪري باقي ان فون ۾ ڪو به ٻيو نئون فيچر موجود نه آهي.

يعني 6.67 انچن جي او اي اي ڊي ڊسپلي 144 ريفريش ريٽ سان گڏ ڏني وئي آهي پر اها ڊسپلي 90 ۽ 120 هرٽز ريفريش ريٽ موڊ سان به ليس آهي.

اسڪرين ۾ 1080 پي پلس ريزولوشن سان گڏ ايڇ ڊي آر 10 پلس سپورٽ موجود آهي ۽ ڊسپلي جي تحفظ لاءِ گوريل گلاس 5 ڪوٽنگ ڪئي وئي آهي.

فون جي خاص ڳالهه ان جو بيڪ ڪيمرا سيٽ اپ آهي جيڪو 4 ڪيمرائن تي ٻڌل آهي.

4 مان 3 ڪيمرائون 64 ميگا پڪسل سينسر سان ليس آهن، يعني مين ڪيمرا 64 ميگا پڪسل جي آهي جنهن ۾ آو آءِ ايس ۽ ايف 1.6 آپرچر موجود آهي.

ٻي 64 ميگا پڪسل ڪيمرا ڪجهه وڏي لينس سان گڏ آهي جڏهن ته ٽين 64 ميگا پڪسل الٽرا وائيڊ ڪيمرا آهي.

ڇوٿين ڪيمرا 8 ميگا پڪسل پيري اسڪوپ سينسر سان گڏ آهي. جڏهن ته فرنٽ تي 16 ميگا پڪسل ڪيمرا پنچ هول ڊزائين ۾ ڏني وئي آهي.

اها اسپيشل ايڊيشن فون چين ۾ 25 نومبر کان دستياب هوندي جنهن جي قيمت جو في الحال اعلان ناهي ڪيو ويو، پر ايڪسون 30 الٽرا جي 16 جي بي ريم ۽ هڪ ٽي بي اسٽوريج وارون فون 6666 يو آن (هڪ لک 82 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) ۾ وڪرو ڪيو پيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.