”آءِ ايم ايف جي غلام حڪومت عوام بدران ڀارتي جاسوس لاءِ قانون سازي پئي ڪري“

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته حڪومت آءِ ايم ايف جي غلام آهي ۽ عوام لاءِ قانون سازي بدران ڀارتي جاسوس لاءِ قانون سازي ڪئي پئي وڃي.

پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عوام اڳ ئي مهانگائي ۽ بيروزگاري سبب تڪليف ۾ آهي، جڏهن ته حڪومت وڌيڪ مهانگائي جون ڳالهيون ٿي ڪري، پيٽرول سستو ڪيو ته اسان ساٿ ڏينداسين، حڪومت آءِ ايم ايف جي غلام آهي، پي ٽي آءِ ۽ آءِ ايم ايف جي ڊيل جو بار عوام کڻي رهيو آهي پر آءِ ايم ايف جي چوڻ تي پارليامينٽ جا هٿ نٿا ٻڌي سگهجن.

هن چيو ته زبردستي قانون سازي کي عدالت ۾ چئلينج ڪنداسين، قانون سازي سان ٻاهرين ملڪ پاڪستانين جو آواز دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، اڄ پاڪستان جي عوام جي توهين ڪئي پئي وڃي.

سندس چوڻ هو ته تڪراري مردم شماري کي اسان اليڪشن جي حد تائين مڃيو هو، اسان مردم شماري جي هڪ حصي کي ٻيهر چيڪ ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو، گڏيل مفادن جي ڪائونسل ۾ سنڌ اعتراض اٿاريا، ڪائونسل سڀ فيصلا اتفاق راءِ سان ڪندي آهي پر تڪراري مردم شماري جو فيصلو اڪثريتي ووٽ سان ڪيو ويو.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪلڀوشن کي اين آر او ڏنو پيو وڃي، اسان ايوان ۾ ۽ ٻاهر احتجاج ڪنداسين ۽ عدالت ۾ به وينداسين، ڪلڀوشن تي پي ٽي آءِ اپوزيشن ۾ تنقيد ڪندي هئي ۽ اڄ کيس اين آر او پئي ڏئي.

پ پ چيئرمين چيو ته حڪومت مهانگائي ۽ بيروزگاري جا مسئلا حل ڪرڻ بدران زبردستي قانون سازي ڪري رهي آهي، اسپيڪر صاحب! توهان پنهنجي عهدي کي عزت نه ڏيندئو ته ڪير ڏيندو؟

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.