ڪراچي: لياري ۾ گهر ۾ گئس ڀرجڻ سان ڌماڪو، هڪ فوت، 7 زخمي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي لياري ۾ گهر ۾ گئس ڀرجڻ سبب ڌماڪي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.

لياري جي ڪلري ٿاڻي جي حدن ۾ ماما هوٽل ڀرسان گهر ۾ گئس ڀرجڻ سبب ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ شخص فوت ٿي ويو، جڏهن ته 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

پوليس موجب زخمين کي طبي امداد لاءِ سول اسپتال جي برنس وارڊ نيو ويو ۽ ڌماڪي جا سبب ڄاڻڻ لاءِ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

پوليس ٻڌايو ته فوتي جي سڃاڻپ محمد اشفاق جي نالي سان ٿي آهي، جڏهن ته ان جي گهرواري ڪومل سميت هڪ ٻي عورت ۽ 6 ٻار سڙي زخمي ٿيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.