حڪومت لاءِ حالتون تبديل، مراد علي شاهه وڏي دعويٰ ڪري ڇڏي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته حڪومت وڃڻ واري آهي، عمران خان وٽ گهٽ وقت بچيو آهي.

اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ پيشي کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ مردم شماري درست نه ڪئي، اسان معاملو پارليامينٽ ۾ به اٿاريو، مردم شماري کي 29 مئي تي چئلينج ڪيو هو، سنڌ جي آبادي درست طريقي سان انگن اکرن ۾ نه لکي وئي.

هن چيو ته حڪومت وڃڻ واري آهي، وزيراعظم جي وڃڻ جو وقت اچي ويو آهي، هو جلد ويندو، اهي نااهل آئين جي پاسداري نه پيا ڪن، اهي ملڪ ڇا هلائيندا، حالتن جي تبديلي جون خبرون ڪراچي تائين ٻڌي رهيا آهيون، اسلام آباد جون هوائون ڪراچي تائين محسوس ٿي رهيون آهن.

سندس چوڻ هو ته سنڌ سان ناانصافي ٿي رهي آهي، عمران خان جي دور ۾ ٻاراڻيون حرڪتون ڏسي رهيا آهيون، اهي حرڪتون نه اڳ ٻڌيون ۽ نه ڏٺيون، جيڪو ماحول پيدا ڪيو ويو آهي لڳي ٿو عمران خان حڪومت جا آخري ڏينهن آهن.

مراد علي شاهه چيو ته نااهلن جو مجموعو حڪومت ۾ جمع ٿي ويو آهي، جيڪڏهن صوبي ۾ ڪو صحيح ڪم ڪري رهيو آهي ته وفاق انهن آفيسرن کي صوبي مان ڪڍي ٿو ڇڏي، جڏهن حڪومت پريشان ٿيندي آهي ته هيڏانهن هوڏانهن ماڻهن کي گهرائيندي آهي.

وڏي وزير چيو ته ڪمزور دل جا ماڻهو سياست ۾ نٿا اچي سگهن، مستقبل ۾ عدليا، بيورو ڪريسي ۽ سول سروس ۾ به ماڻهو نه ايندا، نيب قانونن بابت ذهنن ۾ ڳڻتي آهي، فيبروري کان هيل تائين ٻارهون ڀيرو نيب عدالت آيو آهيان.

هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اشارا ملي رهيا آهن، هر ماڻهو اشارا ڏئي رهيو آهي، اسان کي اشارا ملي رهيا آهن ته انهن مان جان ڇڏايو، پ پ پنهنجي ووٽرن ۽ عوام جي اشارن تي هلندي آهي، فون ڪالز اچي رهيون آهن ته اسان کي بچايو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.