مُڱيرا کائڻ جا شوقين ڌيان ڏين!

مڱيرا هونئن ته ڊراءِ فروٽ ۾ ايندا آهن ۽ انهن ۾صحت جا ڪيترائي فائدا آهن پر انهن جي روز جي استعمال سان ڪجهه نقصان به آهن جن جي باري ۾ هتي اسان توهان کي ٻڌائينداسين.

سياري جي ٿڌي راتين ۾ مڱيرا کائڻ جو پنهنجو ئي مزو آ پر جيئن ته توهان سڀني کي خبر آهي ته ڪنهن به شيءِ جو گهڻو استعمال انسان جي لاءِ نقصانڪار هوندو آهي اهڙي ئي ريت مڱيرا به گهڻا کائڻ يا روز کائڻ سان ڪجهه نقصان ٿيندا آهن جن جي باري ۾ توهان سڀني کي ڄاڻ هئڻ ضروري آهي.

معدي ۾ تيزابيت:

مڱيرا کائڻ سان معدي ۾ تيزابيت ٿي ويندي آهي، انکي محدود حد تائين کائجي مڱيران کي وڌيڪ مقدار ۾ کائڻ سان معدي ۾ گرمائش ٿي ويندي آهي جنهن سان هاضمي جو مسئلو به ٿي سگهي ٿو.

ساهه:

مڱيرا ساهه جي مرض جو هڪ اهم سبب بڻبا آهن ڇو ته انهن ۾ تيل جو مقدار گهڻو هوندو آهي جنهن سان ساهه ٽُٽڻ لڳندو آهي اهو انهن ماڻهن جي لاءِ ته وڏو خطرناڪ آهي جيڪي اڳ ۾ ئي ساهه جي تڪليف جا مريض هجن.

وزن:

جيڪي ماڻهو وزن وڌڻ کان گهٻرائيندا آهن اهي مڱيرن جو گهڻو استعمال نه ڪن ڇو ته اهي وزن جلدي وڌائيندا آهن ۽ ميٽابولزم سست رفتاري سان ڪم ڪندو آهي.

حاملا عورتون:

مڱيرن کي حاملا عورتون کائڻ کان پرهيز ڪن ڇو ته اهي خشڪ آهي ۽ الرجي جو سبب بڻجي سگهن ٿا، تنهنڪري حمل دوران انهن کان پاسو ڪجي.

سوڊيم:

ان سان جسم ۾ سوڊيم جو مقدار وڌي ويندو آهي جنهن سان بلڊ پريشر ۽ دل جو عارضو به ٿي سگهي ٿو.

خارش:

مڱيرا کائڻ سان جسم ۾ خارش ۽ مٿي ۾ خشڪي جو خدشو گهڻو آهي تنهن ڪري انهن کي روز کائڻ کان پاسو ڪجي.

ياد رهي ته سڄي دنيا ۾ هر شيءِ جا فائدن سان گڏ نقصان به هوندا آهن اهڙي ريت جتي مڱيرا جا نقصان بيان ڪيا ويا آهن اتي انهن جا فائدا به ڪيترائي آهي، فائدن جي حوالي سان اسان توهان کي ٻڌايون ته انهن ۾ ڪيتري خوراڪ آهي ته توهان به حيران ٿي ويندا.

مڱيرن ۾ پروٽين، ڪيلشيم، وٽامن اِي، وٽامن بي ون، فاسفورس بي 6، فيٽ ٿايامائن، فولاد، وٽامن ڊي ڪي ۽ بي 6 فوليٽ به موجود آهن جيڪي صحت لاءِ وڏا فائديمند ثابت ٿيندا آهن. پر انهن جو جَجهو مقدار صحت تي نقصان ظاهر ڪندو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.