ايپل ”آءِ فون“ کانپوءِ ڪيفيت ٻڌائڻ سميت جديد سهولتن واري ايپل ”آءِ ڪار“

آءِ فون جي حوالي سان مشهور ايپل ڪارپوريشن آءِ ڪار به پيش ڪرڻ جي تياري ڪري ورتي آهي جيڪا بجلي تي هلندي.

ان منصوبي تي گذريل ست سالن کان ڪم هلي رهيو آهي پر ان بابت وڌيڪ تفصيل موجود ناهن ۽ اهو سڄو ڪم وڏي رازداري سان ڪيو پيو وڃي.

برطانوي ڪار ليزنگ ڪمپني واناراما پنهنجي هڪ تازي بلاگ ۾ ايپل آءِ ڪار جو مڪمل ٿري ڊي ڊيزائن جاري ڪيو آهي.

واناراما موجب ان ڪار ۾ هڪ آٽوميٽڪ الڪوحل ميٽر به لڳل هوندو جيڪو ڊرائيور سان ويهندي ئي ان جي نشي ۾ هجڻ يا نه هجڻ بابت ٻڌائيندو.

ان ڪار جون ٿري ڊي تصويرون ڏسي ائين لڳي رهيو آهي ڄڻ ته آءِ فون جي صورت ۾ معمولي تبديلي ڪري ان کي نوان ٽائر لڳايا ويا آهن.

انکانسواءِ دروازن جا هينڊل آءِ فون جي بٽڻن جهڙا رکيا ويا آهن جڏهن ڪار جو اڇو رنگ بلڪل ائين ئي آهي جيئن 2010 ۾ آءِ فون 4 جو هو.

ايپل آءِ ڪار جي هڪ وڏي سمارٽ فون اسڪرين هوندي جنهن تي اڳيان وارو منظر ۽ سفر بابت ٻئي معلومات به گڏ ڏسي سگهبي.

ڪار جون سيٽون لڏندڙ پر مضبوط هونديون جن کي گهمائي به سگهبو جڏهن ته ڊيش بورڊ به مڪمل طور تي ڪسٽمائزڊيبل هوندو، مطلب ته ڊرائيور پنهنجي سهولت موجب ڊيش بورڊ کي تبديل ڪري سگهندو.

واناراما جي دعويٰ پنهنجي جاءِ تي پر اها ٿري ڊي ڊيزائن به بهرحال هڪ اندازي سان گهڻو ڪجهه ناهي.

ايپل آءِ ڪار اصل ۾ ڪيئن هوندي؟ ان جو حتمي جواب تي ايپل ڪارپوريشن وٽ ئي آهي جنهن بابت مڪمل طور خاموشي اختيار ڪئي وئي آهي.

واناراما جي دعويٰ آهي ته اها ڊيزائن بلڪل صحيح ۽ حقيقتن تي ٻڌل آهي ڇو ته انهن پيٽنٽس تي تيار ڪئي وئي آهي جيڪا ايپل ڪارپوريشن گذريل ڪجهه سالن دوران آمريڪي پيٽنٽ آفيس مان حاصل ڪيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.