مانجهند: آبادگارن پاران پاڻي جي کوٽ خلاف ڌرڻو

مانجهند ۾ آبادگارن پاران پاڻي جي کوٽ خلاف ڌرڻو هينو ويو.

مانجهند ۾ شاه اويس شاخ جي پڇڙي آبادگارن پاران جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، محمد امين کوسو،  بابل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾َ انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويو جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي.

ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ت آبپاشي کاتي جي نااهلي سبب پڇڙي جا آبادگار پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آھن جنهن سبب کين لکين روپين جو نقصان ٿيو آهي.

هنن چيو ته آبادگارن جو معاشي قتل ٿي رهيو آھي، پاڻي نه هجڻ سبب فصل سڪي رهيو آهي، اعليٰ اختيارين کي اپيل آهي ته پاڻي فراهم ڪري پريشاني ختم ڪئي وڃي.

هوڏانهن آبپاشي کاتي جو انجنيئر مهيش ڪمار سب انجنيئر خالد قريشي ڌرڻي واري هنڌ پهچي آبادگارن سان ڳالهيون ڪيون جيڪي جاري هيون

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.